بپر جواءِ سامونڊي طوفان: ڀارتي رياست گجرات ۾ ريڊ الرٽ جاري

جُون 14, 2023

نئين دهلي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي حوالي سان ڀارتي رياست گجرات ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

گجرات جي ضلعي ڪڇ ۽ سورا شٽرا ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ سوڌو ڀارتي موسميات کاتي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته بپر جواءِ سڀاڻي شام گجرات جي جاکوا پورٽ کي عبور ڪندو

گجرات جي ساحلي علائقن مان 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي

ممبئي جي ساحل تي به طوفان جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن جتي سمنڊ جي ڇولين ۾ شدت اچي وئي آهي، ڀارتي شهر بندر ۾ شديد برسات ۽ تيز هوائن جي ڪري وڻ ڪِري پيا

ڀارتي ميڊيا موجب طوفان جي اثر هيٺ ڪڇ ۽ منڊوي ساحل تي اڄ به تيز هوائن سان ڇوليون بلند ٿي رهيون آهن

Leave A Comment