| بچت، سادگي ۽ ڪفايت شعاري بابت اڄ اعلان: معاشي استحڪام لاءِ تمام ضروري فيصلا ڪنداسين: وزيراعظم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ عالمي سطح تي تازي ڇڪتاڻ سبب ملڪ جي معيشت کي مستحڪم رکڻ بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده علائقائي صورتحال پاڪستان جي معيشت، خاص طور تي توانائي جي فراهمي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن جي گهٽ وڌائي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اڳواٽ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تازي بين الاقوامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ بروقت قدمن تي عمل لازمي آهي. حڪومت صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهي آهي ۽ قومي معيشت کي ممڪن حد تائين مستحڪم رکڻ لاءِ سمورا ضروري فيصلا ڪيا ويندا. موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀئي ضروري قدم کنيا ويندا، جن سان عوام جي مفادن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سمورن چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن واضح ڪيو ته سمورن سرڪاري ملازمن ۽ وزيرن کي سادگي ۽ بچت واري طرز اختيار ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته موجوده ڏکئي وقت ۾ قومي وسيلن جي دانشمندانه استعمال کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ۽ جيئن ئي هي ڏکيو مرحلو گذري ويندو ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪندي. اجلاس ۾ بچت، سادگي ۽ ڪفايت شعاري بابت هدايتون صنعت ۽ زراعت جي شعبن تي لاڳو نه ڪيون وينديون، ته جيئن ملڪ جي پيداوار، برآمد ۽ غذائي تحفظ متاثر نه ٿئي. مراعت يافته ۽ اشرافيه طبقن کي ضروري ترتيبن کي قبول ڪرڻ ۾ پاڻ مثال قائم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري تي ٻڌل مختلف تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون ويون، جن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حتمي لائحه عمل جو باقاعده اعلان اڄ ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڊيزل، پيٽرول ۽ ٻين پيٽروليم شين جا مناسب ذخيرا موجود آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت اڳواٽ انتظامات ڪري رکيا آهن. توانائي جي استعمال ۾ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.