بڊاڻي مان ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ نڪتل مارچ کي پوليس روڪي ورتو: ڌرڻو

آگسٽ 15, 2023

بخشاپور(رپورٽر) بڊاڻي مان مغوين جي بازيابي لاءِ نڪتل پيادل مارچ کي بخشاپور پوليس بي ايس فيڊر گڊو پل وٽ روڪي ڇڏيو جنهن بعد ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي

بڊاڻي مان ٽن مغوين جي بازيابي سميت ضلعي ڪشمور جي مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ سياسي، سماجي تنظيمن، قومپرست جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻي ۾ بڊاڻي کان ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ تائين پيادل مارچ ڪڍيو ويو

بڊاڻي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 33 ڪلوميٽر پيادل مارچ شروع ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بڊاڻي انتظاميا جي نااهلي جي سنڌ حڪومت  ڪچي ۾ فوجي آپريشن نه ڪرائڻ سبب اغوا ڪار ڏوهاري وڏن توڙي معصوم ٻارن کي اغوا ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا

سندن چوڻ هو ته بڊاڻي ضلعي جو هر ماڻهون غير محفوظ ۽ خوف ۾ ورتل آهي سنڌ پوليس ناڪام بڻجي چڪي آهي

هنن چيو ته بڊاڻي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاء ۽ مغوين جي بازيابي لاء ضلعي ڪشمور جي عوام هڪ سالن کان احتجاج ڪندي پئي اچي

اڳواڻن چيو ته بڊاڻي  ٻه مهينا اڳ معصوم نينگر جئديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار ۽ 15 ڏينهن اڳ معصوم نينگر آديش ڪمار کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا

هنن چيو ته حيرت آهي ته ڌاڙيل مختلف بااثر قبيلن جي ماڻهن کي اغوا ڇونٿا ڪن رڳو شريف قبيلن ۽ پر امن شهرين جي اغوائن تي نااهل انظاميه کي شرم اچڻ گهرجي

ٻئي طرف بخشاپور بڊاڻي مان مغوين جي بازيابي لاءِ نڪتل پيادل مارچ  بي ايس فيڊر پهتو ته بخشاپور پوليس جي وڏن اٽالن مارچ کي  بي ايس فيڊر گڊو پل وٽ روڪي ڇڏيو

بخشاپور پوليس گڊو پل وٽ بڪتربند گاڏي ۽  موبائل روڊ تي بيهاري پيادل مارچ کي ايس ايس پي آفيس کان وڃڻ کان روڪي ورتو

اڳواڻن الزام هنيو ته  ايس ايڇ او حسين بخش شاهائي ڌمڪيون ڏنيون  ته اتان واپس وڃو نه ته ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو

Leave A Comment