| بڊاڻي ويجھو مبينا ڀتو نه ڏيڻ تان ڳوٺ تي فائرنگ، احتجاج |
بڊاڻي (ن پ ا) لڳ ڳوٺ مکڻو شر ۾ مبينا ڀتو نه ڏيڻ تان ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. اڪبر علي ۽ علي گل شر ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين هاري آهيون ستار شر، صدر شر وارا اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئن پيا ته اوهان اسان کي 10 لک روپيه ڏيو نه ته اوهان کي ماري ڇڏيندا سون. ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو ويو هو اسان بڊاڻي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو گذريل رات 14 هٿيار بندن هڪ دفعو ٻيهر حملو ڪري فائرنگ ڪئي 2 ڪلاڪ فائرنگ جاري رهي اسان جي جان کي خطرو آهي اسين ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو صاحب ۽ ايس ايڇ او بڊاڻي بادل جکراڻي کي اپيل ڪيون ٿا ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.