| بڊاڻي ۾ شاگرد کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور |
بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي جي گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جا شاگرد بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، اسڪول ۾ ڪيترن ئي سالن کان عمارت زبون حال بڻيل آهي، فرنيچر سميت ٻين سهولتن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته شاگرد سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال غلام محمد ڀٽو،استاد ربنواز، استادآزاد علي،محمد علي ۽ ٻين چيو ته اسڪولي عمارت زبون حال بڻيل آهي، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، شاگرد سيارو هجي توڙي اونهارو کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته سهولتون فراهم ڪيون وڃن.