| بڊاڻي ۾ نبيرو، 2 خون ثابت، 60 لک رپيا ڏنڊ مقرر |
بڊاڻي(ن پ ا) بڊاڻي مياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٻه هفتا اڳ قتل ٿيل ٻن واٽھڙو پيرسن ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي خون جو نبيرو، نبيرو ڪچي جي گنڊير واري علائقي ۾ ذوالفقار ڊومڪي، سيد سانول شاهه جي سرپنئچي ۾ نامعلوم هنڌ ڪيو ويو، نبيري ۾ ٻنهي مقتولن جي اڻڄاڻائي ۾ قتل ڪرڻ جي ساک پڻ رکي وئي، مقتول پيرسن حبيب الله ٽانوري ۽ ٽيڪسي ڊرائيور اقبال احمد ڇڄڻ جو خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌُر عبدالغفور شر مٿان ٻنهي خونن جو 60 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.