بڊاڻي ۾ ڀٽا-مزاري تڪرار جو نبيرو، نوجوان جو خون ثابت: هڪ ڪروڙ ڏنڊ مقرر

بڊاڻي ۾ ڀٽا-مزاري تڪرار جو نبيرو، نوجوان جو خون ثابت: هڪ ڪروڙ ڏنڊ مقرر

بڊاڻي (ن پ ا)  ڀٽا-مزاري ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو، ڌُرين مٿان هڪ ڪروڙ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. رفيق ڀٽو جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مزاري ڌر مٿان 80 لک ڏنڊ وڌو ويو،نبيرو ڳوٺ محمد عمر ڀٽو ۾  عطاءُالله ڀٽو جي اوطاق تي پير ميان عبدالخالق ڀرچونڊي ۽ عبدالرئوف  کوسو،عطاءُ الله ڀٽو جي سرپنچي ۾ ڪيو ويو، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد  ٻنهي ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ ڏنڍ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته رفيق احمد ڀٽو جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مزاري ڌر مٿان خون جو عيوضو 50 لک ۽ نوجوان کي گهر اڳيان قتل ڪرڻ جو ڏنڊ 10 لک ۽ خرچ 20 لک رپيا مقرر ڪيو جڏهن ته  مزاري برادي جي چڱن مڙسن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جا 20 لک رپيا ڀٽا ڌر تي چٽي مقرر ڪئي وئي، 15 سال اڳ ڀٽا ۽ مزاري ڌرين ۾ اليڪشن دوران جهيڙي ۾ زخمي ٿيل دنگو مزاري جي زخمي ٿي وڃڻ ۽ بعد ۾ فوت ٿي وڃڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو هو، مزاري ڌر جي اليڪشن دوران فوت ٿي ويل دنگو مزاري جي ساک ڀٽا برادري مٿان رکي وئي، نبيري ۾ ٻه لک رپيا مزاري ڌر کي معاف ڪيا ويا ٽي لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا جڏهن ته بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ڀٽا برادري کي ڏني ويندي فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.