بڪيرا شريف ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان جنسي زيادتي ڪوشش، پٽيوالو گرفتار ۽ معطل، مظاهرو

بڪيرا شريف ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان جنسي زيادتي ڪوشش، پٽيوالو گرفتار ۽ معطل، مظاهرو

بڪيرا شريف(ن پ ا) بڪيراشريف شهر جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ مبينا طور پٽيوالي پاران ستين ڪلاس جي نياڻي سان زبرستي جنسي زيادتي  جي ڪوشش ڪئي وئي، وارثن مين ٽنڊوالهيار شيخ ڀرڪيو روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، نينگري جي وارثن مير محمد دل، ادريس دل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نينگري حليمه ڌي مير محمد دل جيڪا ستن ڪلاس ۾ پڙهندي آهي ڪجهه پهرين به اهڙو واقعو پيش آيو جنهن جو اطلاع اسڪول جي هيڊ ماستر کي ڏنو پر ان کي نظر انداز ڪيو ويو،ايس ايڇ او علڻ عباسي پهچي ڳالهين بعد روڊ کولرايو ۽ يقين ڏياريو ته جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو وارث ۽ نيگري ٿاڻي تي پهتا جتي ستن ڪلاس جي نينگري حليمه ڌي مير محمد دل ٿاڻي تي پنهنجو بيان ڏيندي چيو آهي ته ڇنڇر جي ڏينهن صبح سوير اسڪول پهتي هئس اسڪول ۾ پٽيوالو موجود هو جنهن بينچ تي چانهھ ۽ بوتل جي صلاح هنئي جنهن تي مون منع ڪيو منهنجي بابا جيترو آهين وري مونکي اسڪول جي ڪلاس ۾ هلڻ جا اشارا ڪيا ته آئون اسڪول جي مين گيٽ وٽ وڃڻ لڳس ته مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته مون کي داٻا ۽ دڙڪا ڏيئي اسڪول کان ٻاهر وڃڻ جو چيو آئون ٻاهر هلي ويس، اسڪول جي هيڊماستر کي دانهن ڏيڻ باوجود به اسڪول انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي اڳ ۾ به ٻين سان اهڙا واقعا پيش ٿيا اهن پر بااثر پٽيوالي خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل جوابدار پير بخش گهمراڻي موقف ڏيندي چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ پيپرن جي موڪلن دوران اسڪول ۾ آئي هئي مون پنهنجو صفائي جو ڪم پئي ڪيو جنهن کي مون اسڪول کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ان ڳالهھ کي هڪ مهينو ٿي ويو آهي منهنجي نياڻي وانگي آهي مونکي ڪا به لالچ ناهي آئون غريب آهيان مون تي الزام لڳايو ويو انصاف جو مطالبو ٿو ڪريان، جڏهن ته ايس ايڇ او بڪيراشريف علڻ عباسي پنهنجي اخبار موقف ڏيندي چيو ته نينگري جو بيان وٺڻ بعد جوابدار کي پير بخش گهمراڻي کي گرفتار ڪري ورتو   مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن تعليم کاتي پاران الزام هيٺ  آيل پٽيوالي کي معطل ڪيو ويو آهي.