| بگهڙ کي پهريون ڀيرو اوزار ڇڪيندي ڏٺو ويو: وڊيو رڪارڊ |
اوٽاوا (انٽريسٽنگ نيوز) بگهڙ کي پهريون ڀيرو اوزار ڇڪيندي ڏٺو ويو جڏهن ته سائنسدانن سندس وڊيو پڻ رڪارڊ ڪري ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا ۾اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ جي سائنسدانن هڪ انوکي وڊيو رڪارڊ ڪئي آهي. ان وڊيو ۾ هڪ جهنگلي بهگڙ کي مڇي پڪڙڻ وارو ڄار ڇڪيندي ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ موجب مڇي پڪڙڻ لاءِ اڇلايل ڄار مان چارو غائب ٿيڻ وارين خبرن وائرل ٿيڻ بعد سائنسدانن ان معاملي جي تحقيق شروع ڪئي. سائنسدانن چارو غائب ٿيڻ واري هنڌ ڪيمرا نصب ڪئي جڏهن ته شڪارين مڇي پڪڙڻ لاءِ ڄار ۾ چارو وجهي سمنڊ ۾ اڇلايو. تحقيق دوران پتو پيو ته هڪ بگهڙ ان هنڌ پهچي ڄار کي ڪناري تائين ڇڪي آڻي ٿو ۽ پوءِ ان مان چارو کائي چٽ ڪري ڇڏي ٿو. ماهرن موجب ڪنهن جهنگلي بگهڙ کي شڪار لاءِ اوازر استعمال ڪندي پهريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي . چيو پيو وڃي ته ان علائقي ۾ سالن کان ڪيڪڙا مڇي پڪڙڻ لاءِ ڄار ۾ چارو وجهي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو آهي.