بگ باس: اداڪاره کي ساٿين ڪار مان ڌڪو ڏئي اڇلائي ڇڏيو

بگ باس: اداڪاره کي ساٿين ڪار مان ڌڪو ڏئي اڇلائي ڇڏيو

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس تامل 9 دوران اداڪاره کي سندس ساٿي فنڪارن ڌڪو ڏئي ڪار کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، جنهن سبب اداڪاره زخمي ٿي پئي. ميڊيا موجب بگ باس تامل 9 جي “ٽڪيٽ ٽو فائنل” هفتي جي هڪ ٽاسڪ ۾ پاروتي (وي جي پيرو) ۽ ڪمارودين اداڪاره سينڊرا ايمي پريجن کي ڪار مان ڌڪو ڏنو، جنهن سبب سينڊرا ڊڄي وئي. شو ۾ هن عمل کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا،  ٽاسڪ ۾ ٻين شرڪت ڪندڙن احتجاج ڪيو پر اداڪاره کي ڌڪو ڏيڻ وارا ڪار ۾ ويٺل رهيا، زخمي سينڊرا کي اسپتال وٺي وڃڻو پيو. سينڊرا بعد ۾ بگ باس کي درخواست ڪئي ته کيس گهر موڪليو وڃي، هوءَ پيرو ۽ ڪمارودين جي جارحاڻي رويي کان ڊڄي رهي هئي. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ شو جي ميزبان وجئه اسٿوپتي ۽ انتظاميا تي تنقيد ڪري رهيا آهن.