| بگ باس 19: گوروکنا ٽرافي کٽي ورتي: 50 لک انعام |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بگ باس 19 جي گرينڊ فائنل ۾گورو کنا ٽرافي کٽي ورتي. شو جي ميزبان سلمان خان گورو کنا کي فاتح قرار ڏئي ٽرافي، 50 لک رپيا ۽ هڪ نئين ڪار سان نوازيو. مقابلي ۾ فرحانه ڀٽ رنر اپ رهي. فائنل ۾ 5 فائنلسٽ گورو کنا، فرحانه ڀٽ، پرينت مور، تانيا متل ۽ امل ملڪ پهتا هئا، گورو کنا اڳ ۾ 2025 جو ‘سيليبرٽي ماسٽر شيف’ ٽائٽل کٽي 20 لک رپين جو انعام حاصل ڪري چڪو آهي. گورو ڊراما سيريل “انوپما” ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري سان شهرت حاصل ڪري چڪو آهي.