| بگ بيش: بابر جي ناڪامي باوجود سڊني سڪسرز ڪامياب |
سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي 24هين ميچ ۾ سڊني سڪسرز، برسبين هيٽ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪوفز هاربر ۾ ٿيل ميچ ۾ برسبين هيٽ پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 114 رنسون ٺاهيون. برسبين جي جِيڪ ويلڊرمٿ 31 ۽ وبيگن 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، سڊني جي جوئيل ڊيوس، شان ايبٽ ۽ بين وارشوس 2 وڪيٽون ورتيون. سڊني سڪسڪرز 115 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان سان حاصل ڪري ورتو، اوپنر بابراعظم رڳو ٻه رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن جوئيل ڊيوس 35 ۽ هيڊن ڪيئر 27 رنسون ٺاهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برسبين ميٿيو ڪوني مان ۽ اولي پيٽرسن 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.