بگ بيش نه ڇڏيندس: ڪريز تان گهرائڻ بعد رضوان جو رد عمل

بگ بيش نه ڇڏيندس: ڪريز تان گهرائڻ بعد رضوان جو رد عمل

سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ ۾ بيٽنگ دوران واپس گهرائڻ بابت محمد رضوان جو چوڻ آهي ته ان حقيقت ۾ ڪا به سچائي ناهي ته مان بگ بيش ليگ ڇڏي واپس اچي رهيو آهيان، معاهدو پورو نه ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن. محمد رضوان موجب ڪپتان جي فرمانبرداري ڪرڻ منهنجو فرض آهي، اسان جو مذهب پڻ سيکاري ٿو ته اسان کي پنهنجي اڳواڻ جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه به چوي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي. ميچ موجب ڪپتان جيڪو به فيصلو ڪيو ان تي عمل ڪرڻ ضروري هو. واپس گهرائڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، ميچ کان پوءِ، ڪوچ ۽ ڪپتان مون سان ان بابت ڳالهايو ۽ منهنجو شڪريو ادا ڪيو ۽ معافي به ورتي.