| بگ بيش: هوبارٽ جي دلچسپ مقابلي بعد ٿنڊرز کي شڪست |
هوبارٽ (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جا شاندار مقابلا جاري، ليگ جي ٽئين ميچ ۾ هوبارٽ هريڪينز سڊني ٿنڊرز کي چار وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سڊني ٿنڊرز جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون اسڪور ڪيون، ڪيميرون بينڪرافٽ 61، شاداب خان 34، سيم ڪانسٽس 28 ۽ ڊينيئل سيمز 23 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، هوبارٽ طرفان بلي اسٽينليڪ 3، ڪرس جارڊ 2 ۽ نيٿن ايلس هڪ وڪيٽ ورتي، ٻئي اننگز ۾ دلچسپ صورتحال هوبارٽ جي ٽيم گهربل هدف 6 وڪيٽن نقصان تي 20 هين اوورن جي پنجين بال تي پورو ڪيو، نخل چوڌري 41، بين مڪڊرميٽ 38، مچل اوون 32 ۽ ڪرس جارڊن 16 رنسون ٺاهيون، بهترين آل رائونڊر پرفارمنس تي ڪرس جارڊن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو،