| بگ بيش ۾ زمان خان جي شاندار بالنگ، 6 رنسون بچائي ويو |
سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر زمان خان شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي آخري اوور ۾ 6 رنسون بچائي ٽيم کي ميچ کٽرائي ويو. زمان خان جي شاندار آخري اوور جي ڪري برسبين هيٽ هوبارٽ هريڪنز کي 3 رنسن سان شڪست ڏني. هوبارٽ هريڪينز کي آخري اوور ۾ فتح لاءِ صرف 6 رنسن جي ضرورت هئي، جڏهن ته زمان خان صرف 2 رنسون ڏنيون. زمان خان پهرين بال ڊاٽ ڪئي، ٻئي تي هڪ سنگل وئي، ٽئين ۽ چوٿين بال ٻيهر ڊاٽ ڪئي وئي. زمان خان پنجين بال تي هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته آخري بال تي صرف هڪ رنس ڏني.