ميلبورن (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ۾ هڪ نئون سپر سبسيٽيوٽ قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايندڙ ايڊيشن کان نامزد بيٽسمين قانون متعارف ڪرايو ويندو. هن قانون تحت بيٽ فلپ (ٽاس) کان اڳ ٻنهي ٽيمن کي اختيار هوندو ته پليئنگ اليون مان ڪنهن به بيٽسمين کي ‘نامزد بيٽسمين’ مقرر ڪن. جيڪڏهن ڪو ‘نامزد بيٽسمين’ نامزد ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ هڪ متبادل ‘نامزد فيلڊر’ به هوندو جيڪو ميچ ۾ ‘نامزد بيٽسمين’ جي جاءِ تي فيلڊنگ ڪندو. قانون تحت، هڪ ‘نامزد فيلڊر وڪيٽ ڪيپنگ ڪري سگهي ٿو پر بالنگ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.