ھونئن ته جڏھن کان سائنس پنھنجي ترقي ۽ واڌ ويجھ جو سفر شروع ڪيو آهي، تڏهن کان سندس دامن وسيع کان وسيع تر ٿيندو پيو وڃي ۽ نت نوان خيال، منفرد ٿيوريز، عجب ايجادون ۽ حيرت انگيز حقيقتون اسانکي ڏندين آڱريون ڏياريو ڇڏين ۽ گڏوگڏ انساني مسئلن جو منجھيل سٽ وري سھولتن ۽ آسانين جي ثمر سان سلجھايو ڇڏين. مٿان وري ٽيڪنالوجي جي ٽيڪ ۽ تحقيق (Research) جي توانائيءَ سان، سائنسي علمن ۽ اسمن ۾ ھيڪاري اضافو ٿيو آهي.
پوري دنيا ۾ اڄوڪي ڏينهن، يعني 7ھين اپريل کي ھر سال صحت جي عالمي ڏھاڙي طور ملھايو ويندو آھي، ته جيئن انساني صحت کي لاحق خطرن کي گهٽائجي ۽ مرضن کان آجي، آسودي زندگيءَ گذارڻ جا جتن ڪري سگھجن. تنھنڪري سائنس جي اڪيچار موضوعن ۽ محاذن مان، اڄ اسانجي بحث جو موضوع وري “صحت” يا HEALTH آھي.
اڄوڪي صحت ڏھاڙي کي، صحت جي عالمي اداري (WHO), ھڪ اھم Theme تحت ملھائي رھيو آھي، جنھن جو Slogan آھي: “صحت لاءِ متحد ٿيڻ ۽ سائنس سان گڏ بيهڻ”.
(Together for Health. Stand with Science)
ھيء موضوع ان ڪري به اڇوتو آھي، جو ھاڻي صحت کي فقط انساني تندرستي تائين محدود ڪرڻ بجاءِ “ھڪ صحت/ One-Health” جي نظريي کي وڌيڪ اھميت ڏني پئي وڃي. جنھن تحت ماڻھن، جانورن، ٻوٽن ۽ ڌرتيءَ جي صحت جي تحفظ لاءِ ھڪٻئي تي انحصار ڪرڻ يا گڏيل بقاءَ جو عزم ٿيل آهي. انسان جون سرگرميون، اسانجي آسپاس جي جانورن توڙي ماحوليات تي گھرا اثرات وجھن ٿيون، ۽ بدلي۾ انھن جو اثر وري انساني چڱڀلائيء تي ٿئي ٿو. سو انھن سڀني جي “گڏيل- صحت” جي حاصلات لاءِ پڻ “سائنس” جي تعاون ۽ طاقت جو اعتراف ڪيو ويو آھي.
صحت جي شعبي ۾ سائنسي ڪاميابين ۽ ثبوتن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهڻ طرفي تعاون جي ضرورت آھي، جيڪو تحقيق تي مشتمل ھجي، نه ڪي غير تصديق ٿيل يا وھمن جي ور چڙهيل.
جتي جديد سائنس جي ڪري “صحت” جي شعبن ۾ گھڻي بھتري آئي آھي، نت نوان علاج جا طريقا، چڪاس جا تز طريقا ۽ مؤثر دوائون، اتي ئي وري افواهون، Myths, عطائيت Quackery ۽ ڪوڙي تحقيق جا ڪلور به جاري آھن. سوشل ميڊيا کان وٺي ڳوٺاڻن ۽ شھرين جو وڏو تعداد اڃا تائين صحت/علاج توڙي بيمارين متعلق ڪيترين ئي غير سائنسي روين، وھمن ۽ اوڳڻ عملن جو ارتڪاب ڪري ٿو.
ڪورونا جي وبائي ڏينھن ۾ ته اھڙين بي بنياد خبرن جو ھڪڙو وڏو جھان جڙيل ھئو، پر ھينئر به بچاءُ جي ٽڪن (Vaccines) بابت افواهن ۽ عطائي طبيبن کان ويندي سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ ڪيترو ئي مواد صحت لاءِ فائديمند ھئڻ بجاءِ نقصانڪار ھوندو آھي. اھڙين ھڙئي سرگرمين کي رد ڪري، صرف سائنس ۽ تحقيق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ سان ئي اسين بھتر صحت جو خواب ساڀيان ڪري سگھون ٿا. ٻيو ته بيمارين کان بچاءُ ۽ مؤثر علاج لاءِ اسانکي متحد پڻ ٿيڻو پوندو. مقامي ۽ پرڏيهي سطح تي ھڪٻئي سان صحت سھڪار به وقت جي اھم ترين ضرورت آهي.
انھيءَ سڄي عمل جي شروعات ھيئن بہ ڪري سگھجي ٿي ته مستند ڊاڪٽرن، معتبر اسپتالن، مڃيل ليبارٽريز ۽ تصديق ٿيل صحت مواد تي ئي ڀاڙجي ۽ ھر طرح جي بازاري ڦوڪن/False propaganda کي رد ڪري وائکو ڪجي. ٻيو ته ھي دؤر Evidence Based Medicine جو آهي، جنھن ۾ ثبوتن ۽ حقائق تحت ئي مرض جي تشخيص ۽ علاج ڪبو آهي. توڻي جو Artificial Intelligence جي ڪري ھر شيءِ اسانجي آڱرين جي پھچ ۾ لڳي ٿي، پر اتي به Source ۽ سچائيءَ کي ضرور ذھن ۾ رکڻ گهرجي.
انھيءَ سموري عمل ۾ صحت اختيارين ۽ حڪومت جو به اھم ڪردار آھي ته اھي، صحت سھولتن کي “سانئس” پٽاندر ئي ھلڻ ممڪن بڻائن ۽ ماڻھن کي اعتبار جوڳي جاڳرتا فراهم ڪن. سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جھڙن ادارن کي مستعدي سان صحت کي ھاڃو رسائيندڙ سرگرمين کي ٻنجو ڏيڻ گھرجي.
اڄوڪي “صحت ڏھاڙي” تي عوام کي ھڪڙو نماڻو عرض اھو به ڪجي ٿو ته خدارا، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي صحت جي عملي کي حراسان ڪرڻ بجاءِ کين گھربل عزت ۽ احترام ڏين، ڇو ته اھي صحت جا سپاھي اوھانجي بھتر صحت لاءِ ھر وقت مصروف خدمت ھوندا آھن ۽ “سانئس” تي مشتمل علاج معالجو ڪن ٿا. ٻي صورت ۾ اسين ڪوڙن ۽ ٺوڳي عطائين ھٿان پنھنجي سماجي توڙي ذاتي صحت کي برباد ڪري ڇڏيندا سين.
بقول شاھ لطيف سائينءَ جي ته:
“ڪٺييس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا…”