بھرام ويجهو وين جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نينگر فوت
جُون 4, 2025
بھرام ( پنهنجي ڊيسڪ) بهرام ويجهو قمبر-شھدادڪوٽ روڊ تي ويگن جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نينگر فوت ٿي ويو آهي، حيدرآباد کان شھدادڪوٽ ويندڙ ويگن جي ٽڪر ۾ گھر پنھنجا واسي 7 ورهين جو اسد پٽ آصف علي مگسي فوت ٿي ويو، حادثي جي اطلاع تي پوليس ڄاڻايل ھنڌ پھچي وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.