تائيوان جي فنڪارا بعد سنگاپور جو ماڊل جنهن عمر کي مات ڏني

تائيوان جي فنڪارا بعد سنگاپور جو ماڊل جنهن عمر کي مات ڏني

سنگاپور (انٽريسٽنگ نيوز) عمر کان وڏو نظر اچڻ ته عام ڳالهه آهي پر عمر کان ننڍو نظر اچڻ اها خاصيت آهي جيڪا هر ڪنهن کي نه ملندي آهي. هڪ ڏينهن اڳ اسان توهان کي تائيوان جي فنڪارا ايني سان ملرايو جيڪا 58 سالن جي هوندي به جوان نظر اچي ٿي اڄ توهان کي سنگاپور جي ان شخص سان ملرايون ٿا جنهن جي اصل عمر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. سنگاپور جي فيشن فوٽوگرافر ۽ ماڊل چوانڊو ٽين پنهنجي عمر جي حوالي سان سڀني کي دوکو ڏئي رهيو آهي، هو 3 مارچ تي 60 سالن جو ٿي ويو آهي هن پنهنجي سالگره ڌام ڌوم سان ملهائي ۽ ان جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون. سندس ان فوٽو کي لکين ماڻهن لائڪ ڪيو آهي عمر 60 سال هجڻ باوجود هو جوان نظر ايندو آهي جنهن ڪري ماڻهو حيران آهن.