| تائيوان ڇڪتاڻ، چين 30 آمريڪي ڪمپنين ۽ 10 ماڻهن مٿان پابندي مڙهي ڇڏي |
بيجنگ (م ڊ) تائيوان واري معاملي تي ڇڪتاڻ کانپوءِ چين، 30 آمريڪي ڪمپنين ۽ 10 ماڻهن مٿان پابندي مڙهي ڇڏي، آمريڪي ڪمپنين ۽ شهرين تي اهي پابنديون تائيوان کي هٿيار ڏيڻ واري تجويز کانپوءِ لڳايون ويون، عالمي خابرو اداري موجب ان ڳالهه جو اعلان چيني پرڏيهي وزارت طرفان بيان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو جوابي قدم آمريڪا طرفان تائيوان کي رڪارڊ 11.1 ارب ڊالرن جي هٿيار پيڪيج وڪڻڻ واري فيصلي کانپوءِ کنيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته تائيوان چين جي قومي سلامتي جو معاملو ۽ اسان جي ريڊ لائن آهي جنهن کي آمريڪا وڏي پيماني تي هٿيار وڪرو ڪري اشتعال انگيزي ڪري پيو، چين جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته پابندين تحت شامل ڪمپنين ۽ ماڻهن جي چين ۾ موجود سمورا اثاثا منجمد ڪيا ويندا کين ملڪ ۾ ڪاروبار يا داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.