تابڪاري شعاعن بابت اهو خيال عام آهي ته اهي رڳو نقصان ڏيندڙ آهن، پر اها ڳالهه مڪمل سچ ناهي. حقيقت ۾، اسان جي ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو هر روپ قدرتي طور تي ڪجهه سطح تائين تابڪاريءَ جي اثر هيٺ آهي، چاهي اها زمين جي اندروني عنصرن مان نڪرندڙ ريڊون هجي، سج مان ايندڙ شعاعون هجن، يا خوراڪ ۽ پاڻيءَ ۾ موجود قدرتي isotopes انهن جو مقدار ايترو گهٽ هوندو آهي جو انساني جسم ان سان هم آهنگ ٿي ويو آهي ۽ عام حالتن ۾ اهو ڪو نقصان نه ٿو پهچائي. اصل خطرو تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن تابڪاري جي مقدار وڌي وڃي يا غلط نموني استعمال ڪئي وڃي. جديد طبي طريقن جهڙوڪ ايڪس ريز، سي ٽي اسڪين ۽ ريڊيوٿراپي ۾ تابڪاريءَ جا انتهائي ماپيل ۽ ڪنٽرول ٿيل مقدار استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي علاج ۾ مدد ڏين ٿا ۽ نقصان جو امڪان تمام گهٽ رکندا آهن. تابڪاري اها توانائي آهي، جيڪا خلا يا مادي مان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿئي ٿي. هي توانائي برقي مقناطيسي شعاعن يا بنيادي ذرڙن جي صورت ۾ خارج ٿيندي آهي. سائنسي حوالي سان، تابڪاري اهو قدرتي عمل آهي، جنهن ۾ ڪنهن ائٽم جي مرڪز (نيوڪليس) مان خود بخود ذرڙا ۽ شعاع خارج ٿيندا آهن، ۽ اهڙي طرح ائٽم تبديل ٿيندو آهي. تابڪاري شعاع انساني صحت لاءِ خطرا آهن ۽ حد کان وڌيڪ مقدار ۾ ڪينسر ۽ ٻيون موذي بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿا. جڏھن تـ انساني ترقي سان گڏ تابڪاري شعاعن جو استعمال وڌندو پيو وڃي. فقط قدرتي ذريعا ئي نه پر جديد دور ۾ ڪيترن ئي ميدانن ۾ تابڪاري شعاع پيدا ڪيا وڃن ٿا. ان ۾ سڀ کان اهم صنعتي ميدان، طبي ميدان، عسڪري ميدان ۽ سائنسي تجرباگاهون شامل آهن.
تابڪاري شعاعن جو اثر ماحول تي به تمام خطرناڪ هوندو آهي. پاڻي، هوا ۽ مٽي سڙي وڃي ٿي ۽ آلودگي سالن نه پر صدين تائين ختم نٿي ٿئي. چرنوبل ۽ فوڪوشيما جهڙا حادثا ان جا واضح ثبوت آهن، جتي ڪيترائي علائقا اڄ به رهڻ جي قابل ناهن. تابڪاري شعاع هڪ اهڙو خطرو آهي، جيڪو نه ڏسڻ ۾ اچي ٿو، نه ٻڌڻ ۾ ۽ نه ئي ان جي بوءِ محسوس ٿئي ٿي، پر اهو جسم ۾ گهرو اثر ڇڏيندو آهي. ان جا ذهني اثر به ٿين ٿا، ماڻهو ڊپ ۽ ذهني دٻاءُ ۾ رهڻ لڳن ٿا. خطرو ان ڳالهه تي به دارومدار رکي ٿو ته انسان ڪيتري مقدار ۾ ۽ ڪيتري وقت تائين شعاعن هيٺ رهيو آهي. عمر ۽ صحت به اثرن ۾ فرق آڻين ٿيون، ڇو تہ ٻار ۽ ڪمزور ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.
طبي ميدان ۾ تابڪاري جو استعمال
ايڪس ريز: هڏن جي ٽٽڻ، ڦڦڙن ۽ جسم جي ٻين عضون جي تصويربرداري لاءِ استعمال ٿين ٿيون. ڪمپيوٽر ٽوموگرافي يعني سي ٽي اسڪين ۾ به ايڪس ري وسيلي اندروني عضون جي وڌيڪ واضح تصوير ملي ٿي.
گاما شعاعون: ڪينسر جي علاج لاءِ ريڊيو ٿراپي ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جتي ٽاميور جي سيلن کي ختم ڪيو وڃي ٿو. نيوڪليئر ميڊيسن ۾ گاما ڪيمرا ذريعي جسم جون فنڪشنل تصويرون ورتيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ دل، ٿائرائيڊ ۽ گردن جي ڪم جو تجزيو. بيٽا ذرڙا پڻ ڪينسر جي علاج ۾ اندروني ريڊيو ٿراپي لاءِ استعمال ٿين ٿا، جتي تابڪار دوا جسم جي اندر ڪينسر واري حصي تائين پهچائي ويندي آهي. نيوٽران شعاعون خاص قسمن جي سخت ڪينسر جي علاج ۾ ڪم اچن ٿيون، جتي ٻين شعاعن سان علاج ممڪن نه هوندو آهي. ان سموري استعمال سان گڏ، مريض ۽ طبي عملي جي حفاظت لاءِ بچاءُ جا اصول اختيار ڪيا وڃن ٿا.
سيڪيورٽي ميدان ۾ تابڪاري شعاع:
سڪيورٽي مقصدن لاءِ جيڪا اسڪريننگ ڪئي ويندي آهي، خاص طور تي ڪنٽينر ۽ سامان جي ايڪسري اسڪيننگ ۾، اُتي عام طور تي گاما شعاع يا ايڪس شعاع استعمال ٿين ٿا. ايڪسري مشين مخصوص مواد جي شين کي ڏسڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ايڪسري شعاعن جي مدد سان، ڪنٽينر يا سامان جا اندروني حصا واضح ٿي وڃن ٿا. جڏهن ايڪسري شعاع ڪنٽينر کان گذرندي آهي، ته اها مواد جي مختلف سطحن تي اثرانداز ٿي ڪري مواد جي گنجائش کي اسڪين ڪندي آهي.تابڪاري شعاعن جا نقصان: يونائٽيڊ نيشنس سائينٽيفڪ ڪميٽي آن دي افيڪٽس آف ايٽامڪ ريڊي ايشن (يو اين ايس ئي اي آر) مطابق تابڪاري شعاعون انسان ۽ ٻين جاندارن جي جسم ۾ داخل ٿي ڪري سيلز، رت ۽ ڊي اين اي کي خراب ڪري ڇڏين ٿيون. انهن سبب انسان کي ڪيترائي خطرناڪ اثر برداشت ڪرڻا پون ٿا. سڀ کان پهريان ته سيلز جي جين جي ٺهڻ ۾ تبديليون اچن ٿيون، جن مان ڪينسر جهڙيون بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي تبديليون نسلن تائين منتقل ٿي سگهن ٿيون. تابڪاري شعاع رت ٺاهيندڙ نظام تي حملو ڪندي رت ۾ گهٽتائي آڻي ٿي، جنهن سان مدافعتي قوت ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ انسان معمولي بيمارين کان به بچي نٿو سگهي. اکين ۾ موتيو پئجي وڃي ٿو، جلد ساڙي ٿي ۽ زخمن جو ڀرجڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. پيٽ ۽ هاضمي وارو نظام متاثر ٿيندو آهي، جنهن سان الٽي، دست ۽ اندروني عضون جي ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي.
حمل دوران جيڪڏهن عورت تابڪاري شعاع هيٺ اچي وڃي ته جينز ۾ خرابيون، دماغي ڪمزوريون، جسماني بگاڙ ۽ حمل ضايع ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. اولاد ۾ به جينياتي نقص منتقل ٿي سگهن ٿا، جنهن سبب ايندڙ نسلن ۾ بيماريون وڌن ٿيون. تابڪاري شعاعون طبي ميدان ۾ بيمارين جي جاچ ۽ علاج ٻنهي لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. مسلسل يا وڌيڪ مقدار واري شعاعڪاري سان ڪينسر، سنڍ پڻ، ٿولهه، اعصابي موروثي بيماريون ۽ موت تائين جا خطرا وڌي وڃن ٿا. ان ڪري عالمي سطح تي حفاظت جا سخت اصول اختيار ڪيا وڃن ٿا ته جيئن طبي عملي، صنعتي ورڪرن ۽ عام ماڻهن کي بچائي سگهجي.