انساني تاريخ ۾ تبديلي جو سوال هميشه بحث جو مرڪز رهيو آهي. ڇا سماجي انقلاب پاڻمرادو پيدا ٿيندا آهن يا غيرمعمولي اڳواڻ تاريخ جو رخ بدلائيندا آهن؟ هي سوال صرف فلسفي جو نہ پر سياست، سماجيات ۽ آزادي جي تحريڪن جو بہ بنيادي سوال آهي.
دنيا جي ٽن اهم سياسي شخصيتن موهن داس ڪرمچند گانڌي، ولاديمير لينن ۽ هوچي منه هن سوال جا مختلف جواب ڏنا. انهن جي نظرين کي سمجهڻ کانسواءِ ٽئين دنيا، خاص ڪري پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي ناڪامين ۽ امڪانن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو
تاريخي تبديلي: فرد يا حالتون؟
يورپي فڪر ۾ ٻن وڏين نظرين جو ٽڪراءُ رهيو آهي: هڪڙي ڌر جو چوڻ آهي تہ تاريخ عظيم ماڻهن ٺاهين ٿا.(The great man theory) ٻئي ڌر چوي ٿي تہ تاريخ معاشي حالتون ٺاهين ٿيون، جنهن کي تاريخي ماديت (Historical Materialism) چئجي ٿو.
ڪارل مارڪس هن بحث کي نئون رخ ڏنو. هن چيو: انسان تاريخ ٺاهين ٿا پر انهن حالتن جي اندر، جيڪي اڳ ۾ موجود هونديون آهن. يعني فرد ۽ حالتون هڪٻئي کان الڳ نہ آهن پر اهي هڪ جدلياتي (dialectical) لاڳاپي ۾ آهن ۽ هڪٻئي مٿان مدار رکن ٿيون.
انقلاب جا مادي بنياد:
مارڪسي تجزيي مطابق انقلاب ڪو جذباتي واقعو نہ اهي پر اهو مادي حالتن جو نتيجو هوندو آهي.
1.معاشي تضاد:
جڏهن دولت ٿورڙن ماڻهن وٽ گڏ ٿي وڃي.
2.حڪمران طبقي جو بحران:
جڏھن رياست پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويهي.
3.جڏهن عوامي بيچيني وڌي وڃي:
جڏهن ماڻهو پراڻي نظام کي قبول ڪرڻ ڇڏي ڏين.
پر تاريخ اسان کي ڏيکاري ٿي تہ اهي حالتون ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود رهيون پر پوءِ بہ انقلاب نہ آيو. هتي قيادت جو سوال پيدا ٿئي ٿو.
گانڌي: انتظار جي سياست:
گانڌي جو خيال هو تہ سماج کي اخلاقي طور تيار ٿيڻ گهرجي، تشدد کانسواءِ شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي، اڳواڻ کي عوام جي نفسياتي حالت جو احترام ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ هن جو اهو طريقو عوامي تحريڪ کي وسيع بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو پر معاشي سرشتي کي بنيادي طور تبديل نہ ڪري سگهيو ۽ آزادي کان پوءِ بہ سماجي اڻبرابري برقرار رهي. اها ڳالھ ٻڌائي ٿي تہ صرف اخلاقي قيادت سماجي انقلاب لاءِ ڪافي ناهي.
لينن: تنظيم تاريخ بدلائي ٿي:
لينن مارڪس جي نظريي کي عملي سياست سان جوڙيو. هن دليل ڏنو تہ بحران پاڻ انقلاب پيدا نٿو ڪري، ان لاء شعوري تنظيم ضروري آهي ۽ اها انقلابي پارٽي “تاريخي انجڻ” بڻجي ٿي.
1917ع روسي انقلاب ان ڳالهه جو مثال آهي تہ صحيح وقت تي سياسي فيصلا تاريخ بدلائي سگهن ٿا. لينن مطابق بغير انقلابي نظريي جي انقلابي تحريڪ ممڪن ناهي.
هوچي منه: حالتون پيدا ڪرڻ جو فلسفو:
ويٽنام نوآبادياتي غلامي هيٺ هو، جتي مڪمل انقلابي حالتون موجود نہ هيون پر هوچي منه تعليم ذريعي شعور پيدا ڪيو. هن قومي آزادي کي سماجي انصاف سان ڳنڍيو ۽ ڊگهي جدوجهد ذريعي عوام کي منظم ڪيو. هتي انقلاب انتظار سان نہ پر جدوجهد سان پيدا ٿيو.
ٽئين دنيا جو سياسي الميو:
ايشيا ۽ آفريڪا ۾ آزادي بعد گهڻن ملڪن ۾ ساڳيو مسئلو پيدا ٿيو پر پراڻي نوآبادياتي رياست برقرار رهي، نئون حڪمران طبقو پراڻي نظام جو وارث بڻجي ويو ۽ عوام صرف ووٽر بڻجي ويو پر طاقت جو مالڪ نہ ٿي سگهيو. ان کي سياسي مفڪر “Incomplete Revolution” چون ٿا.
پاڪستان: بحران بغير انقلاب:
پاڪستان جي تاريخ بحرانن سان ڀريل رهي آهي. هتي معاشي مضبوطي نٿي رهي، فوجي مداخلتون رهيون آهن، سياسي بي يقيني عروج تي رهي آهي. ان کان علاوه وسيلن جي اڻبرابري ۽ ناانصافي تي ٻڌل ورڇ موجود آهي. انهن سڀني حالتن باوجود انقلاب ڇو ڪونه آيو؟
ان جا هيٺيان سبب آهن:
*طبقاتي شعور ڪمزور رهيو.
*سياسي پارٽيون نظرياتي نہ رهيون.
*قيادت شخصيت پرستي ۾ ڦاسي وئي.
يعني حالتون تہ موجود هيون پر تاريخي رخ ڏيڻ واري قوت نہ هئي.
سنڌي سماج جو مخصوص تجربو:
سنڌ ۾ زرعي استحصال آهي، وسيلن تي مرڪز جو ڪنٽرول آهي، ثقافتي بيچيني ۽ بدامني آهي. بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي. اهي سڀ انقلابي حالتون آهن. پر تحريڪون بار بار قومي يا لساني دائري تائين محدود ۽ ڇڙ وڇڙ رهيون آهن، جنهن ڪري طبقاتي اتحاد پيدا نہ ٿي سگهيو. مارڪسي اصطلاح موجب تضاد موجود هو پر ان جي سياسي ترجماني نہ ٿي سگهي.
ڇا اڳواڻ حالتن جي پيداوار هوندو آهي؟
ها، ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح آهي پر مڪمل نہ. اهو ضرور آهي تہ بحران ماڻهو اڳتي آڻيندو آهي پر هر ماڻهو اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. حقيقي اڳواڻ اهو آهي، جيڪو حالتن کي سمجهي ٿو، انهن کي زبان ڏئي ٿو ۽ ماڻهن کي گڏيل مقصد ڏي ٿو. لينن يا هوچي منه جهڙا اڳواڻ اتفاق سان نہ پر تاريخي شعور ۽ جدوجهد جي نتيجي طور پيدا ٿيا.
انقلابي اڳواڻ جون سائنسي خاصيتون
*نظرياتي وضاحت – جيڪو مسئلن جي سائنسي تشريح ڪري
*تنظيم سازي – جيڪا تحريڪ کي مستقل ڍانچي ۾ بدلائي.
*عوامي نفسيات جي سمجهه –
جيڪو ماڻهن جي خوف ۽ اميد کي چڱي ريت سمجهي.
تاريخي وقت جي سڃاڻپ –
هو اها ڳالهه سمجهي تہ ڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي، ڪڏهن بيهڻو ۽ ڪڏهن هڪ قدم پوئتي هٽڻو آهي.
*ذاتي قرباني – هن لاء اقتدار نہ بلڪه مقصد مرڪز هجي ٿو.
مٿين ڳالهين جو اهم ۽ تاريخي گڏيل نتيجو هي آهي
تہ حالتون انقلاب جو امڪان پيدا ڪن ٿيون. عوام گڏجي ان کي طاقت ڏي ٿو. قيادت ان کي شڪل ڏئي ٿي. يعني انقلاب هڪ سماجي عمل آهي، اهو فردن جو معجزو ناهي.
سنڌ ۽ مستقبل جو سوال:
سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ اصل سوال اهو ناهي تہ انقلاب ايندو يا نہ ايندو، پر سوال اهو آهي تہ ڇا سماج شعوري تنظيم پيدا ڪري سگهندو؟جيستائين عوام سياست سان نہ جڙندو، عوامي مسئلا طبقاتي شعور ۾ تبديل نہ ٿيندا ۽ قيادت شخصيت بدران ادارو نہ بڻجندي، تيستائين حالتون بار بار پيدا ٿينديون پر تبديلي نہ ايندي.
تاريخ اسان کي سيکاري ٿي تہ انقلاب نہ انتظار سان ايندو آهي نہ خواهشن سان. اهو تڏهن جنم وٺندو آهي جڏهن سماج پنهنجو شعور حاصل ڪري ۽ هڪ اهڙي قيادت پيدا ٿئي، جيڪا حالتن کي سمجهي، انهن کي منظم ڪري ۽ مستقبل جو واضح تصور پيش ڪري. انهيءَ معنيٰ ۾ حقيقي اڳواڻ اهو ناهي، جيڪو ماڻهن تي حڪمراني ڪري پر اهو آهي، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جو خالق بڻائي.