تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

تاريخي اڀياس ۽ سفيد پوش ڏوھه … نقاش قمبراڻي

انسان جي سماجي بقا جي شروعات ۾ ڏوهه جو تصور به نه هو، نه ئي ان لاءِ ڪو قانون لاڳو ٿيل هو. اڳ انسان کي بري ڀلي جي تميز نه هوندي هئي نه ئي ان کي ڪنهن کي سڃاڻڻ جي ڪا پرک هوندي هئي. شروعاتي انسان بلڪل اڪيلو ۽ پيٽ گذر سفر ڪرڻ ئي ان جو معتبر مقصد هوندو هو. پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ انسان جو شڪار ڪري کائڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو. تنهن وقت جي انسانن کي اها خبر به نه هوندي هئي ته اهو برو عمل آهي. انسان جي فطرت ۾ ئي ڏوهه ڪرڻ وارو عمل اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته انسان جيڪڏهن خطا نه ڪندو ته پوءِ اهو فرشتو ٿي ويندو، فرشتا ئي آهن جيڪي بي ڏوهي آهن. انسان جي شروعاتي دور کان ئي ڏوهه ڪرڻ جي پريڪٽس رهي آهي، انسان جي ڏوهه ڪرڻ جي شروعات ڪٽنب، سماج ۽ قبيلن جي ٺهڻ کان پوءِ ٿي آهي. جنهن ۾ زميني تڪرار ۽ قبيلائي تڪرار جي ڪري ڏوهه ڪرڻ جو عمل بنيادي ڏوهن جو حصو رهيو آهي. پر تڏهن ان جي روڪ ٿام لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي هئي. باقي جيڪو دماغ رکي ٿو يا انساني سوچ رکي ٿو سو ڏوهه ضرور ڪندو. جن جي ڏوهن ڪرڻ جي مشق کي مڪمل ختم ته نٿو ڪري سگهجي پر ان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اڳ انسان ايتري ترقي نه ڪئي هئي، تڏهن ڏوهه ڪرڻ واري لاءِ ڪو قانون نه هوندو هو. ايتري قدر جو انهن کي خبر ئي نه هوندي هئي ته اهو ڏوهه ڪري رهيو آهي يا هن کي ڏوهه چيو ويندو آهي.
تاريخ جي مطالعي ڪرڻ سان اها خبر پوندي ته اڳ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه ڪيا ويندا هئا ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا هئا. ان لاءِ تاريخي اڀياس جو مطالعو ڪرڻو پوندو. جديد دور ۾ جيترو ڏوهن کي روڪڻ لاءِ نوان نوان قانون پاس ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي پڪڙڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کان به ڪم ورتو ويو آهي، جهڙي ريت ٽيڪنالاجي کي عام ڪيو پيو وڃي اهڙي ريت ڏوهه ڪرڻ جي طريقيي ڪار ۾ پڻ تبديلي اچي رهي آهي هن وقت ڏوهن جي فهرست ڊگهي آهي، پر انهن ڏوهن مان جيڪو عام جام ڏوهه ڪيو وڃي ٿو اهو سفيد پوش ڏوهه آهي. جيڪو اڪثر پڙهيل لکيل ۽ پروفيشنل آفيسر طبقي وارا ماڻهو ڪندا آهن. ٻين عام ڏوهن ڪرڻ وارو ته جلدي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندو آهي. پر سفيد پوش ڏوھه ڪرڻ وارو اڪثر قانون جي گرفت کان بچيل هوندو آهي.جيڪڏهن اهو قانون جي گرفت ۾ اچي به ويندو آهي ته ان کي سزا کان بچڻ جا موقعا گهڻا هوندا آهن يا ان کي گهٽ سزا ملندي آهي. سفيد پوش ڏوھاري هميشه چالاڪي سان ڏوهه ڪندو آهي. ان جي پٺيان اعليٰ آفيسرن يا اثر رسوخ رکڻ وارن جي وڏي هٿي هوندي آهي. اهو ڏهاري معاشري لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي علم جي زور تي ۽ ذاتي پهچ جي ڪري بچيل رهندو آهي. جيئن انڪم ٽيڪس کان بچڻ لاءِ رجسٽر تبديل ڪري ڇڏڻ يا لکت وارا ثبوت مٽائي ڇڏڻ ۾ مهارت هوندي آهي.سفيد پوش ڏوھه ڪرڻ وارا اڪثر سرڪاري ملازم هوندا آهن. جن کي پنهنجي پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪنهن ڏکيائن مان نه گذرڻو پوندو آهي. سفيد پوش ڏوهه نجي ادارن ۾ يا فيڪٽرين ۾ به ڪيو ويندو آهي جيئن ڏهاڙي وارن کي گهٽ ڏهاڙي ڏئي اصل لکيل ڏهاڙي تي صحيح ڪرائي ويندي آهي. نجي ادارن جي ملازمن جي پگهارن مان نامعلوم ڪٽوتيون ڪيون وينديون آهن جن جي ملازمن کي آگاهي نه هوندي آهي. يا ان جي فائنل رقم مان ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. جيڪو ان جي وهم خيال ۾ به نه هوندو آهي. هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سائنس جيتري ترقي ڪئي آهي. ايتري سفيد پوش ڏوهه ۾ به ايڊوانس ترقي ٿيندي پئي وڃي. هن جديد دور ۾ ان ڏوهه کي گهٽ ڪرڻ لاءِ يا ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٽيڪنيڪل اپاءُ ورتا وڃن يا جوڊيشنل پلانگ ۾ پڙهل لکيل ۽ اعليٰ درجي جا سودمندي وارا قانون ساز جج چونڊيا وڃن، جيئن قانوني نظام ۾ سڌارو آڻي سگهجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *