تاريخي جبل گنجي ٽڪر مان روزانو 400 پٿر، ڪريش، روڙي، پائوڊر ۽ ريتي نڪرڻ جو انڪشاف
ڊسمبر 12, 2023
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد جي تاريخي جبل گنجي ٽڪر مان روزانو 400 کان وڌيڪ پٿر، ڪريش، روڙي، پائوڊر ۽ ريتي نڪرڻ جو انڪشاف، انتظاميا اگهور ننڊ ستل، ان ڏس ۾ 36 هزار ايڪڙن تي ٻڌل تاريخي گنجي ٽڪر جي گذريل 15 سالن کان ڪٽائي جو سلسلو هلندڙ آهي، جنهن تي انتظاميا عارضي ڪارروايون ته ڪري ٿي پر پٿر جي ڪٽائي جو ڪم بند نٿي سگهيو آهي. مقامي ماڻهن موجب گنجي ٽڪر مان نڪرندڙ پٿر، ريتي، ڪريش، روڙي ۽ پائوڊر مائينز کاتي جي رد ڪيل ليزن تي ڪڍيو پيو وڃي جنهن تي روزانو 400 کان وڌيڪ ڊمپر گنجي ٽڪر مان نڪرن ٿا. روڙي جي ٽرڪ 7 هزار 200، مزدور 5 هزار، جمعدار 2200، ريتي ساڍا 4 هزار في سيڪڙو، 5 سيڪڙو جي ٽرڪ 20 کان 24 هزار، مزدور ۽ جمعدار جي مزدوري ملائي 30 کان 35 هزار ۾ وڪرو ٿئي ٿي، جنهن تي غيرقانوني طريقي سان بااثر ماڻهو روزانو جي بنياد تي لکين رپيا رائلٽي جي نالي تي في ٽرڪ 500 رپيا وصول ڪن ٿا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 15 سالن کان تاريخي گنجي ٽڪر جي ڪٽائي لاءِ ڏيڍ لک کان وڌيڪ مزدور ڪم ڪن ٿا جن هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ جبل جون چوٽيون بارودي سرنگن ۾ ڌماڪا ڪري ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ جتي وڏا وڏا جبل هوندا هئا اتي هاڻي 10 کان 15 فٽ جا کڏا ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته گنجي ٽڪر جي ڪٽائي واري عمل خلاف لطيف آباد تعلقي جي روينيو آفيسرن ڪيترائي ڀيرا ڪارروائي ڪري مشينري ۽ ڪريش پلانٽ بند ڪرايا آهن پر ڪارروائي جي 10 ڏينهن اندر ساڳيو ڪم ڪري ڏيتي ليتي جي بنياد تي شروع ٿي وڃي ٿو. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته گنجو ٽڪر تاريخي حيثيت رکي ٿو. هي سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ آهي. لطيف سرڪار پنهنجي سيلاني سفر جي شروعات گنجي ٽڪر جبل تان جوڳين سان گڏ ڪئي ۽ شاهه سائين ٻه سُر، سُر رامڪلي ۽ سُر کاهوڙي به گنجي ٽڪر جي سفر ۾ لکيا. اهڙي تاريخي حيثيت رکندڙ جبل کي بچائڻ لاءِ پوليس، مائينز کاتو، روينيو کاتو ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ بدران خاموش تماشي بڻيل آهن.