تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ نامعلوم شرپسندن جي ڀڃ ڊاهه، نوادرات ڀڃي ڀورا

مارچ 21, 2025

گهوٽڪي(رپورٽر) سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ نامعلوم شرپسندن ثقافت کاتي جي آثار قديمه ڊپارٽمينٽ پاران مومل جي ماڙي جي تاريخي قلعي مان هٿ ڪيل نوادرات کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، تاريخي ماڳ تي پوليس اهلڪار مقرر هجڻ باوجود نامعلوم شرپسندن رات جي پيٽ ۾ آرڪيالاجي ماھرن پاران تاريخي قلعي مان کوٽائيءَ بعد ھٿ ڪيل ناياب نوادرات کي ڀڃي ڀورا ڪيو، جڏهن ته واقعي جو انتظاميا ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، ٻئي طرف سول سوسائٽي جي اڳواڻن شاهه خالد، ثناءُ الله ڀٽو، يونس ڀٽو، زيڊ اي بخاري، سليم بوزدار، لياقت بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ تي احتجاج ڪري شرپسندن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چيو ته ھڪ طرف ھٿ ٺوڪيل ڀوتارڪي سسٽم جي پاليل قبضا مافيا ماٿيلو مومل جي ماڙي جي قديم آثارن کي ڊهرائي ڪمرشل مارڪيٽ ٺاھي رھي آھي ته ٻئي طرف ثقافت کاتي جي ماھرن کي هراسان ڪري کوٽائي ۽ کوجنا کان روڪيو پيو وڃي، اڳواڻن ايس ايس گهوٽڪي کان نوادرات کي نقصان رسائيندڙ شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪري تاريخي آثارن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو، رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

Leave A Comment