تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جو ڊرينيج سسٽم تمام بهتر آھي: سياح

تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جو ڊرينيج سسٽم تمام بهتر آھي: سياح

موهن جو دڙو (ن پ ا) جپان کان پرڏيهي سياحن جو وفد قديمي ماڳ موهن جو دڙي جو دورو ڪيو.جپان جو پرڏيهي وفد قديم آثار اسٽوپا،ڊي ڪي ايريا،منير ايريا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم گهمي خوب مزو ورتو.پرڏيهي وفد جو موهن جو دڙو انچارج احسان عباسي ويلڪم ڪيو. ان موقعي تي جپان جي پرڏيهي وفد ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين پهريون دفعو موهن جي دڙي تي آيا آھيون، هنن چيو ته هتي اچي ڪري تمام مزو آيو آھي. موهن جو دڙو جو ڊرينيج سسٽم تمام بهتر آھي.هنن چيو ته موهن جو دڙو کي خوبصورت بڻايو ويو آھي، اڃان بهتر سهولتن جي پڻ ضرورت آھي.