| تاريخي ماڳ مڪلي ثقافتي رنگن سان جرڪي پئي: ايڪتا مچ ڪچهري، فنڪارن ماڻهو جھومايا |
ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) سڄي سنڌ جيان ٺٽي ۾ به 7 ھين ڊسمبر تي روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي اعلانيل منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري ھيٺ ايڪتا ڏھاڙي جي ڏھاڙي جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا ثقافتي سرگرميون عروج ماڻي ورتيون آھن. ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ٺٽو سٿ پاران منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ملهائجندڙ ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان مڪلي جي تاريخي ماڳ تي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ ثقافتي ايڪتا مچ ڪچهري ملھائي وئي جنھن ۾ فنڪارن پنهنجي سرن جي برکا ڪري ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو عزم ڪيو مچ ڪچهري ۾ نوجوان فنڪار منصور محبوب خاصخيلي روشن جوڻيجو امتياز سومرو ۽ مينھن وسايو پالاري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نوجوانن کي جهومائي ڇڏيو جڏھن ته مچ ڪچهري ۾ نوجوان ٽھيءَ جي شاعرن توڙي سينيئر شاعرن فدا حسين ميمڻ عبدالله چانڊيو شاڪر ڪلمتي حميد مهراڻوي ۽ ٻين ترنم ۾ شاعري پيش ڪري ماحول مچايو, جڏھن ته صوفي ذوالفقار علي قادري ، رمضان ميمڻ ، محمد ٻارڻ ، امجد دراني ، اختر بروهي ، عاجز قادر بخش سمون ، مظفر خاصخيلي ڀٽائي منظور ۽ ٻين شاعري ذريعي ايڪتا ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو عزم ورجايو. مچ ڪچهري ۾ مختلف سياسي سماجي شخصيتن سميت اڳوڻي صوبائي وزير ، سينيٽر سسئي پليجو صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي پ پ اڳواڻ عاشق علي زرداري ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنهور ، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ ، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالرزاق چانڊيو ، جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر غلام نبي کٽي ، پ پ شھيد ڀٽو يوٿ ضلعي ٺٽي جي صدر زوهيب بلوچ پ، ي ٽي آئي ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شاھ ، پ پ اڳواڻن پير غلام رحماني ، عبدالحميد سومرو ، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ممتاز علي ميمڻ ، منور هيلايو . ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني ، سماجي اڳواڻ وحيد حيدر زنئور ، ٺٽو شھري اتحاد جي صدر جاويد غني ميمڻ ٺٽو پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته, هن ڀيري منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سٿ پاران ملهائجندڙ ايڪتا ڏينهن وارو موضوع انتهائي وقتائتو آھي منشيات نوجوانن جي تباهي جو سبب بڻجي چڪي آھي جنھن کان نجات لاءِ عوامي شعور بيدار ڪري هن ناسور کي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومتي ادارن تي ڌٻاءُ وڌايو وڃي. مچ ڪچهري ۾ سُرن جا سمورا رنگ سمايل رهيا وڏي انگ ۾ نوجوانن استادن شاگردن اديب شاعرن صحافين سياسي سماجي قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪري 7 ھين ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو پڻ وچن ڪيو.