| تاريخي ماڳ نئون ڪوٽ قلعي تي فحاشي، اعتراض جوڳيون وڊيوز وائرل |
نئون ڪوٽ(ن پ ا) نئون ڪوٽ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ نئون ڪوٽ قلعي ۾ فحاشي ۽ اعتراض جوڳيون ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه معاملي جو نوٽيس ورتو، جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئون ڪوٽ قلعي جي سار سنڀال ۽ نگراني لاءِ ڪافي عملي جي موجودگي هوندي به اهڙو واقعو پيش اچڻ کاتي لاءِ شرمندگي جو سبب بڻيو آهي. قلعي تي مقرر انچارج ڀمار سنگهه ، چوڪيدار والم ڀيل، سائٽ سپروائيزر عبدالجبار ، چوڪيدار رامچند ۽ اسسٽنٽ انچارج پرڪاش کان ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واضح ڪيو ويو آهي ته محفوظ قرار ڏنل تاريخي قلعي اندر اهڙي سنگين واقعي جي اجازت يا غفلت ناقابلِ قبول آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مقرر مدي اندر اطمينان بخش جواب پيش نه ڪيو ويو ته سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 تحت لاڳاپيل عملدار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.