تاريخ جو جبر، سيڪيولرزم ۽ اسان جي بقا: … اونداهين کان روشنيءَ تائين جو سفر … ڊاڪٽر اعجاز انڙ

                 انساني تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو تہ هڪ حيرت انگيز تضاد سامهون اچي ٿو. هڪ پاسي انسان پاڻ کي عقل، شعور ۽ اخلاقي برتريءَ جو مالڪ سمجهي ٿو، تہ ٻئي پاسي هزارين سالن کان مذهب، زمين، قوميت ۽ طاقت جي نالي تي رت جون نديون وهائيندو رهيو آهي. تاريخ رڳو بادشاهن ۽ جنگين جو داستان ناهي، پر اها انساني شعور جي ارتقا، فڪري آزادي ۽ سماجي ڍانچن جي تبديليءَ جي ڪهاڻي به آهي.

                 اڄ جڏهن اسين 21هين صديءَ ۾ بيٺا آهيون تہ دنيا واضح طور ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي: هڪ پاسي اهي قومون آهن جيڪي سائنسي، معاشي ۽ سماجي طور تي عروج تي آهن، ۽ ٻئي پاسي اسان جهڙا ملڪ آهن، جيڪي اڃا تائين مذهبي انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ معاشي پٺتي پيل صورتحال جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. هن فرق کي سمجهڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي انهن موڙن کي سمجهڻو پوندو، جتي قومن پنهنجا رستا بدلائي نوان مستقبل ٺاهيا.

مسلمانن جو سونهري دؤر – جڏهن عقل امام هو:

اٺين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين جو دؤر اسلامي تاريخ جو “سونهري دور” سڏيو وڃي ٿو. پر اهو سوال اهم آهي تہ ان عروج جو بنيادي سبب ڇا هو؟ ڇا اهو صرف مذهب هو يا مذهب جي اهڙي تشريح، جنهن عقل ۽ تحقيق کي مرڪزي حيثيت ڏني؟بغداد جي “بيت الحڪمت” ۾ يوناني فلسفي، هندي رياضي ۽ ايراني طب جي ترجمن ۽ تحقيقن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اهو انساني علم جي تاريخ ۾ هڪ انقلاب هو. هتي علم کي ڪنهن مذهبي حدبنديءَ ۾ نه جڪڙيو ويو، پر “تجربو ۽ مشاهدو” کي بنيادي حيثيت ڏني وئي.جڏهن ابن الهيثم روشنيءَ جا اصول بيان ڪري رهيو هو، يا الخوارزمي الجبرا جا بنياد رکي رهيو هو، تڏهن اهي محقق مذهب جي تشريح کان آزاد ٿي ڪائنات جي حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ان دور ۾ “معتزله” جهڙا فڪري مڪتبهء فڪر موجود هئا، جيڪي چوندا هئا تہ عقل خدا جي ڏنل سڀ کان وڏي نعمت آهي، ۽ مذهبي متن کي به عقل جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ گهرجي.

پر تيرهين صديءَ کان پوءِ حالتون بدلجڻ لڳيون. “اجتهاد” جو دروازو آهستي آهستي بند ڪيو ويو ۽ “تقليد” کي ترجيح ڏني وئي. فڪري آزادي ختم ٿيڻ لڳي، ۽ مذهب جي سخت تشريح غالب ٿي وئي. نتيجي ۾، اهو سماج جيڪو ڪڏهن علم جو مرڪز هو، آهستي آهستي جمود جو شڪار ٿي ويو.

يورپ جو اونداهو دؤر ۽ فڪري بغاوت:

جنهن وقت مسلم دنيا سائنسي ترقيءَ جي عروج تي هئي، يورپ “اونداهي دؤر” مان گذري رهيو هو. چرچ جو مڪمل راڄ هو، ۽ پوپ جي حڪم کان انڪار ڪرڻ ڪفر تصور ڪيو ويندو هو. سائنسدانن ۽ مفڪرن کي مذهبي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو هو، جتي انهن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن جي وچ ۾ ٿيندڙ “ٽيهه ساله جنگ” يورپ جي تاريخ جي سڀ کان تباهه ڪندڙ جنگين مان هڪ هئي، جنهن نه رڳو لکين ماڻهن جون جانيون ورتيون، پر سڄي سماج کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو. پر هتي هڪ اهم فرق پيدا ٿيو – يورپ هن تباهيءَ مان سکيو. هنن اهو محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن مذهب رياست تي حاوي رهندو تہ امن، ترقي ۽ استحڪام ناممڪن رهندو.

1648ع ۾ “ويسٽ فيليا جو معاهدو” هڪ تاريخي موڙ ثابت ٿيو، جنهن رياست ۽ مذهب جي وچ ۾ حدون مقرر ڪيون. اهو ئي سيڪيولرزم جي بنياد جو آغاز هو.

سيڪيولرزم: جديد دنيا جي تعمير جو بنياد

سيڪيولرزم جو مطلب مذهب کان انڪار ڪرڻ ناهي، بلڪه مذهب کي فرد جو ذاتي معاملو قرار ڏيڻ ۽ رياست کي غيرجانبدار بڻائڻ آهي. اهو هڪ اهڙو سماجي معاهدو آهي، جتي هر شهري، ڪنهن به عقيدي سان تعلق رکڻ باوجود، برابر حقن جو مالڪ هوندو آهي.يورپ ۾ جڏهن چرچ جي سياسي طاقت کي محدود ڪيو ويو، تڏهن سائنسدانن کي آزادي ملي. نتيجي ۾ سائنسي انقلاب آيو، جنهن کان پوءِ صنعتي انقلاب، ٽيڪنالاجي ترقي ۽ جديد معيشت وجود ۾ آئي. ان سان گڏ قانون جي حڪمراني قائم ٿي، انساني حقن کي تحفظ مليو، عورتن کي معاشي ۽ سماجي ميدان ۾ شامل ڪيو ويو، تعليم کي مذهبي ڪنٽرول کان آزاد ڪيو ويو. اهي سڀ عنصر گڏجي جديد مغربي سماج جي تعمير جو سبب بڻيا.

مسلم دنيا ۽ جديد بحران: تضادن جو سماج

اڄ جڏهن اسين مسلم دنيا، خاص ڪري پاڪستان جي صورتحال ڏسون ٿا تہ هڪ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. اسان سائنسي ايجاد- موبائل، انٽرنيٽ، دوائن، ٽيڪنالاجي جو استعمال ته ڪريون ٿا، پر انهن جي پٺيان بيٺل سائنسي سوچ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان جو سماج اڃا تائين فرقيواريت، مذهبي تعصب ۽ غير سائنسي سوچ ۾ ڦاٿل آهي. اسان پنهنجي توانائي ان بحث ۾ ضايع ڪريون ٿا تہ ڪير سچو آهي ۽ ڪير غلط، جڏهن تہ دنيا مصنوعي ذهانت (AI)، جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ خلائي تحقيق ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.

اڄ عالمي معاشي نظام “علم ۽ ڊيٽا” تي ٻڌل آهي. اهي قومون جيڪي علم پيدا ڪن ٿيون، اهي ئي دنيا تي حڪمراني ڪن ٿيون. جڏهن تہ جيڪي قومون رڳو ماضيءَ ۾ رهنديون آهن، اهي معاشي غلاميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

پاڪستان لاءِ رستو: فڪري انقلاب جي ضرورت

جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي، تہ رڳو معاشي پاليسين سان ڪم نه هلندو – ان لاءِ فڪري انقلاب جي ضرورت آهي.

1.سياست ۽ مذهب جو الڳ هجڻ:

رياست جو بنياد شهريت تي هجڻ گهرجي، نہ ڪي ڪنهن مخصوص مذهبي سڃاڻپ تي هجي. جڏهن رياست اڻ ڌري هوندي، تڏهن ئي سڀني شهرين کي  هڪجهڙا ۽ برابر موقعا ملندا.

2.تعليمي سڌارا:

اسان جي تعليم کي رٽي واري نظام مان ڪڍي تنقيدي سوچ تي آڻڻو پوندو. شاگردن کي سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سيکارڻو پوندو.

3.سماجي رواداري:

هڪ اهڙو سماج ٺاهڻو پوندو، جتي اختلاف کي برداشت ڪيو وڃي، نہ ڪي دٻايو وڃي.       /ڏسو صفحو 5 بقايا 01

4.سائنسي معيشت:

معيشت کي زرعي يا قرضي نظام مان ڪڍي ٽيڪنالاجي ۽ صنعت ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو.

تاريخ جو سبق ۽ مستقبل جو سوال

تاريخ هر هر هڪ ئي سبق ڏئي ٿي:

“جيڪا قوم عقل کي رد ڪري ٿي اها زوال جو شڪار ٿئي ٿي.”

يورپ جو عروج ان ڪري ناهي ٿيو جو انهن پنهنجي ثقافت ڇڏي، پر ان ڪري جو انهن هڪ اهڙو نظام ٺاهيو، جتي علم، انصاف ۽ آزادي بنيادي اصول بڻيا.

پاڪستان جو مستقبل بہ ان ڳالهه سان جڙيل آهي تہ ڇا اسين ماضيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهنداسين يا هڪ نئون فڪري سفر شروع ڪنداسين؟

قائداعظم جي 11 آگسٽ واري تقرير بہ هڪ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪري ٿي، جتي مذهب فرد جو ذاتي معاملو هجي ۽ رياست سڀني لاءِ برابر هجي.

اونداهين کان روشنيءَ ڏانهن:

اڄ اسان هڪ تاريخي موڙ تي بيٺا آهيون. هڪ طرف جمود، تعصب ۽ پٺتي پيل سوچ آهي، ۽ ٻئي طرف علم، آزادي ۽ ترقيءَ جو رستو آهي، چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي.

جيڪڏهن اسان پنهنجي فڪري اڃ کي سائنس، فلسفي ۽ آرٽ ذريعي سيراب ڪيو تہ اسان بہ ترقيءَ جي رستي تي هلي سگهون ٿا. پر جيڪڏهن اسان ماضيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهياسين، تہ تاريخ اسان کي بہ انهن قومن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيندي، جيڪي پنهنجو مستقبل پاڻ تباهه ڪن ٿيون. اهو سفر آسان ناهي پر ناممڪن بہ ناهي، ڇو تہ تاريخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي تہ جڏهن انسان سوال ڪرڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن ئي روشني جنم وٺي ٿي.