تاريخ جي وڏي پگهار: مسڪ دنيا جو امير ترين سي اي او بڻجي ويو

تاريخ جي وڏي پگهار: مسڪ دنيا جو امير ترين سي اي او بڻجي ويو

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ کي تاريخ جو سڀ کان وڏو پي پيڪيج ملي ويو، جنهن سان ان جي دنيا جو پهريون کرب پتي ٿيڻ جي راهه هموار ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ٽيسلا جي 75 سيڪڙو سرمائيڪارن رڪارڊ هڪ ٽريلين ڊالر (2810 کرب) جي منافعي سان ايلون مسڪ جي پگهار منظور ڪئي، ڪمپني جي بورڊ خبردار ڪيو هو ته ايلون مسڪ ڪمپني ڇڏي سگهي ٿو، ٽيسلا جو مستقبل مصنوعي ذهانت  ۽ روبوٽڪس ۾ مسڪ جي ويزن سان جڙيل آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ايلون مسڪ جو معاوضو ٽيسلا جي ترقي خودڪار گاڏين، روبوٽيڪس نيٽ ورڪ ۽ انسانن جهڙن روبوٽس جي وڪري جهڙن منصوبن سان لاڳاپيل آهي. هي فيصلو ان وقت سامهون آيو، جڏهن ڪجهه وڏن سرمائيڪارن ۽ مشاورتي ادارن پيڪيج کي انتهائي مهانگو ۽ غير ضروري قرار ڏنو، پر بورڊ موقف اختيار ڪيو ته مسڪ کي  ڪمپني سان گڏ رکڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. واضح رهي ته ايلون مسڪ سالياني گڏجاڻي ۾ اعلان  ڪيو هو ته ٽيسلا اپريل کان سائبر ڪيب يعنيٰ ٻن سيٽن واري روبوٽيڪسي جي پيداوار شروع ڪندو.