Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_bkkc0uvb3fn12fkim3idl8sd4u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تاريخ سان هٿ چراند نه ڪريو! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تاريخ سان هٿ چراند نه ڪريو! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

تاريخ سان هٿ چراند نه ڪريو! … امر رائيسنگهه راجپوت

تاريخ 12 آڪٽوبر 2020ع واري روزاني پنهنجي اخبار جي هن ساڳي پيج تي روشن داس نالي همراهه جو هڪ ليک ”ٺڪر قبيلو“ جي عنوان سان ڇپيو هو، جنهن ۾ موصوف ٿرپارڪر جي راجپوتن کي ان قبيلي سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جيڪو قبيلو ڏکڻ هندستان جي ڪن علائقن جو رهاڪو آھي، جنهن قبيلي کي ٺاڪريا ڪولهي يا ٺاڪريا ڪوري چيو ويندو آھي. موصوف کي اها به خبر ناهي ته ٺڪر ۽ ٺاڪر ۾ رات ڏينهن جو تفاوت آھي. ٺاڪر ذات نه پر ٺاڪر لقب آھي، جنهن جي معنيٰ آھي وڏو يا اعليٰ. راج جي گاديءَ تي ويٺل کي راڻو، راءِ، راوت، مهاراج، مهاراول ۽ راجا چوندا آھن ۽ باقي جيڪي وڏن گهراڻن جا راجپوت آھن اُنهن کي ٺاڪر چوندا آھن. بدقسمتيءَ سان اهو ٺاڪر لفظ ٻوليءَ جي ڦير ڦار جي ڪري ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ ٺڪر ٿي ويو، جنهن جي غلط فهميءَ جو شڪار ٿي، موصف ريگستان جي راجپوتن کي هڪڙي شڪاري قبيلي سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جيڪا سنئين سڌي بي واجبي، تاريخ سان ناانصافيءَ ۽ تعصب پرستي آهي. ٺاڪر لفظ جي جنهن کي معنيٰ نه اچي اهو جيڪڏھن گوگل وسيلي ڪاپي پيسٽ ليکڪ ٿيڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو ته ائين ئي تاريخ جي منهن تي تئو مليندو ٻيو ڇا ڪندو؟ روشن داس ٿرپارڪر جي راجپوتن جي شاندار ريتن ۽ رسمن کي مذڪوره ليک ۾ جيئن جو تئين لويو آهي. ايتري قدر جو هن لکيو آھي ته ”ٺڪر بندري قد جا ٿيندا آھن، خاص ڪري سندن عورتون نڪتل پيٽ سان بي زيبيون ۽ بي ڊوليون ٿين“ ڪيڏي نه چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ڪري ويو آھي. قدام جي وڻ جيڏن قداور راجپوتن کي بندرا قرار ڏيڻ ڪٿي جو انصاف آھي. ارجڻ پانڊو کان وٺي ڪيسر مڪواڻي تائين ”اجن باهُو“ راجپوت ٿي گُذريا آھن. اجن باهُو ان کي چوندا آھن جنهن جي هٿن جُون تريون گوڏن تائين پهچنديون آھن. اهڙن قد ڪاٺيءَ ۽ هڏ هاٺي وارن رڻ ونڪن راجپوتن کي بندرا چوندڙ پاڻ ڪيڏا نه ننڍڙا آھن. موصوف کي سوچڻ گهرجي ته راجپوت عورتون اهڙيون جيڪڏھن بي ڊوليون ۽ بدزيبيون هُجن ها ته ڪوي بانڪيداس صديون اڳ امرڪوٽ جي سوڍين کي ڪيهر لنڪيون ۽ ڪيسر ورڻيون ڪونه چوي ها؛
ڪيهر لنڪي گوريان، سوڍا چتر سُڄاڻ
بڙ جُهڪيا لانٻي تڻان، آيو گڍ امراڻ
ڪيهر لنڪي گورين کي بدزيبيون چئي، ڪچي گار ڏيندڙ روشن داس کي منهنجي اها صلاح آھي ته اول تاريخ پڙھ پوءِ لک. موصوف تاريخ پڙھي گهٽ ٿو، رڳو گوگل تان گُذارو ڪري ٿو. پنهنجي ذات لڪائيندڙ ليکڪ کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته هن عجيب و غريب قبيلي سان ٿرپارڪر جي راجپوتن جو ڪو تعلق ناهي. نه ئي ان قبيلي جي ريتن رسمن سان ڪو پري جو واسطو آھي. ٿرپارڪر جا راجپوت وِير پاٻُوجي راٺوڙ جا پوئلڳ ۽ ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ ريلا ڪندڙ رڻمل سوڍي جو رت آھن. بي ڊولين ۽ بدزيبين جا پُٽ ناهن. ٿرپارڪر جا راجپوت راڻين جا پُٽ آھن. راڻين بنان راجپوت ناهن ٿيندا. انهن جو جيئڻ ۽ مرڻ ائين بلڪل به ناهي جيئن موصوف لکيو آھي. راڻين جا پُٽ اڻهوند ۾ هوند ڪرڻ وارا واتين جا وِير آھن. انهن جي جُتيءَ ۾ ڪنهن به شڪاريءَ جو پير نه ايندو.
راڻيان راجپوتاڻيان، ڄڻ جايا راجپوت
اڻهونت ۾ هونت ڪري، سو واتان را سُوت
موصوف مذڪوره ليک ۾ ايتري قدر تعصب جو مظاهرو ڪندي اهو به لکي ٿو ته ”هنن ۾ ماسات سان شادي ڪرڻ عيب ڪونهي“ ڪيڏي نه واهيات ڳالهه ڪري ويو آھي. ليکڪ کي خبر هئڻ گهرجي ته ٿرپارڪر جا راجپوت ماسات ته پري جي ڳالهه، پر پنهنجي ستن پيڙھين جي ڏُور رشتيدار جي رت مان به شادي ناهن ڪندا. اُھي گوتريءَ کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندا آھن. موصوف وڌيڪ لکي ٿو ته ”اهي لاش کي ساڙيندا ناهن، پوريندا آھن“ بلڪل ابتڙ ڳالهه ڪري ويو آھي. دنيا جهان کي خبر آھي ته راجپوت اگني سنسڪار ڪندا آھن، راجپوتن جون راڻيون جيئري جوهر ڪنديون آھن. مري ويل ورن ۽ پُٽن مٿان اگني ۾ شنان ڪندي ستيون ٿينديون آھن. موصوف کي ڪهڙي خبر ته ٿرپارڪر ۾ ڪيتريون ستيون آھن، جن جا پاڙيا اڄُ به لوهرٽين جي روپ ۾ شاهدي ڏيئي رهيا آھن ته راجپوت نعش کي جلائيندا آھن. پُوريندا ناهن. موصوف وڌيڪ لکي ٿو ته ”انهن جون عورتون ٽنگون گهڻي قدر اُگهاڙيون ڇڏين، مٿو اُگهاڙو هوندو اٿن“ ڪيڏي نه بداخلاقي ڪئي آھي، موصوف کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ريگستانن جي راجپوتن جا مرد مٿي اُگهاڙا ناهن هوندا تون ته عورتن جي ڳالهه ڪرين ٿو. راجپوتن جي عورتن جي پرديداري جي ڀٽائي شاهدي ڏئي ٿو. ڀٽائيءَ کان مٿي نه تون آھين نه آئون آھيان.
پرديس ۾ پُرندي، تِن سوڍين اچي شرم
راجپوتن پنهنجي ريتن ۽ رسمن لاءِ پنهنجا سر وڍي سونپيا آھن. جهونا گڍ جي راءِ ڏياچ کان وٺي ننگرپارڪر جي رامجي ورڻ تائين ڪيئي سُورا پورا راجپوت هُئا، جن ريتن جي ڪارڻ پنهنجي پرڻ کي پاڻي ڏيندي سخاوتن ۾ سر دان ڪيا هُئا. موصوف ان قبيلي کي هڪڙي شڪاري قبيلي سان ڳنڍي سموري برصغير جي راجپوتن جي نه رڳو دل رنجائي آھي، پر اُنهن جي صدين کان شاندار تاريخ جو مسخ شده لاش سندن جهوليءَ ۾ وڌو آھي. موصوف جيڪي ديويون ديوتا ٺڪر قبيلي جا ڄاڻايو آھي. اُنهن جا اسان ته نالا پهريون ڀيرو ٻُڌو ٿا. اسان جا ديويون ديوتا اهي ڄاڻايل ڪڏھن به ناهن. موصوف مذڪوره مضمون جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو ته ”راڻا چندر سنگهه ۽ رام سنگهه سوڍي جو تعلق ان قبيلي سان آھي“ موصوف کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته راڻا چندر سنگهه ۽ رام سنگهه اهي سوڍا آھن، سوڍا شڪاري ناهن، نه ئي سوڍن جو ڪم هنا ٺاهڻ آھي، سوڍا جنگجُو ۽ جوڌا آھن. انهن جو ڪم راڄ ڪرڻ آھي. اچ ته توکي اُنهن جي تاريخ جو ٿورو تعارف ڪرايان!
راجپوت اقوام شاهيءَ جا ٽوٽل 36 ڪُل (پيڙھي) ۽ چار ونس آھن. يادوَ ونس، سوريا ونس، چندر ونس، اگني ونس. ڏھه ڪُل سوريا ونس آھن، ڏھ ڪُل چندر ونس آھن، ٻارنهن ڪُل يادو ونس آھن، چار ڪُل اگني ونس آھن. راڻا چندر سنگهه ۽ رام سنگهه سوڍي جو تعلق پرمار ڪُل ۽ اگني ونس سان آھي. اھي شڪتي سچيا ماتا ۽ شڪتي ڏيول ماتا جا پوڄاري آھن، انهن جي ڪُل ديوي هرسدي ديوي آھي، ڪُل ڏيو مهاڪال آھي. اِشٽ ڏيو منداوريه (سوريه) آھي. پوجئه ديو پير پٿورو صاحب آھي، جنهن جو مُريد موصوف پاڻ به آھي. انهن جو قومي نشان ڪيسري شينهن آھي، قومي هٿيار ڀالو آھي. قومي جهنڊو ڪيسريو آھي. تلوار رڻ تار آھي. پڳڙيءَ پنج رنگي آھي. پهرين سلطنت اُجين نگريءَ آھي، موجوده سلطنت ڍاٽ آھي. راج پدوي راڻا آھي. راج يوگي ڀرٿري هري آھي. راڻا چندر سنگهه وارا اُھي آھن جن وٽ همايون بادشاھ شرڻ ۾ پناھ لاءِآيو هو، موصوف کي ياد رکڻ گهرجي ته بادشاھ شڪارين وٽ پناھ لاءِ ناهن ويندا. همايون بادشاھ هو هُو به ڪنهن بادشاھ وٽ ئي پناھ لاءِ آيو هوندو. اهو بادشاھ ڍاٽ جو راڻو پتو عرف پرشاد هو، جنهن جي پيڙھيءَ ۾ راڻا چندر سنگهه جهڙو مهاراڻو ڄائو هو. هي ته اُنهن جي تاريخ جو بنه مختصر تعارف آھي. ريگستان جي راجپوتن جي مڪمل تاريخ ڪرنل جئمس ٽاڊ ٽاڊ راجستان جي هزاين صفحن ۾ نه سمائي سگهيو سو تُون ۽ آئون هن اخباري ليک ۾ ڪٿي ٿا لکي سگهون، تنهن ڪري ان ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي ڏئي. آئينده ڪنهن به راجپوت جي تاريخ سان هٿ چُراند ڪرڻ جي ڪِريل حرڪت قطعي نه ڪجانءِ ڇاڪاڻ ته ريتن جا رکوالا راجپوت اڃا زنده آھن. اُھي پنهنجي تاريخ جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا!

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *