تاريخ سهڙيندڙ گل حسن ڪلمتي هميشه لاءِ وڇڙي ويو
مَي 17, 2023
ملير(رپورٽر) ناليوارو تاريخدان، محقق ۽ اديب گل حسن ڪلمتي لاڏاڻو ڪري ويو گل حسن ڪلمتي ڪافي عرصي کان ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هو جنهن جي جنازي نماز گڏاپ جي ملا عرضي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي گل حسن ڪلمتي گهڻي ڪراچي جي حوالي سان تحقي ڪئي گل حسن ڪلمتي 9 سنڌي، 3 انگريزي ۽ 2 اردو ۾ به ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن املهه انگريزي ۽ اردو ڪتابن جو ترجمو ڪري پڙهندڙن لاءِ سولائي پيدا ڪئي نامياري محقق ڪلاچي سنڌ جي مارئي، ڪراچي جا لافاني ڪردار، ڪراچي جون رهائشي اسڪيمون ۽سواليا نشان بنيل اصلوڪا رهائشي جهڙا بي مثال ڪتاب لکيا ان کانسواءِ گل حسن ڪلمتي ڪيترن ئي انگريزي توڙي اردو ڪتابن جي ترجمي ذريعي پڙهندڙن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو دڳ مهيا ڪيو