تاريخ فيصلو ڪندي ته ٽرمپ فاتح آھي يا ھارايل جواري؟ … ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

                 2026ع جي بهار ۾، جڏهن ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان پنج هفتن تائين جاري فضائي حملن کان پوءِ مِٽي آهستي آهستي ويهي رهي هئي ۽ ٻن هفتن جي نازڪ جنگبندي شروع ٿي هئي، تڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو ڪيو جيڪو هو هميشه بهترين ڪندو آهي: مڪمل، زبردست، سئو سيڪڙو فتح جو اعلان! 7 اپريل تي AFP سان ڳالهائيندي پاڻ هن معاهدي کي آمريڪا لاءِ ”مڪمل ۽ مڪمل فتح“ قرار ڏنو. هن وڌيڪ زور ڏيندي چيو: ”هن ۾ ڪو به شڪ ناهي.“ دفاعي سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ به سندس ها ۾ ها ملائِي ۽ ان کي ”تاريخي ۽ زبردست فتح“ سڏيو، جنهن ايران جي فوج کي ”ايندڙ ڪيترن سالن تائين جنگ جي قابل نه ڇڏيو آهي،“ قرار ڏنو. ٽرمپ، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي بيان بازيءَ ۾ ڪمزوري ڏيکارڻ پسند نه ٿو ڪري، پنهنجي پسنديده تاريخي جملي کي پڻ ورجايو: ”مان آيس، مون ڏٺو، مون فتح حاصل ڪئي.“ هي جنگ جيڪا 28 فيبروري تي ايران جي ايٽمي پروگرام، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ حڪومتي قيادت (جنهن ۾ سپريم ليڊر علي خامنه اي جو قتل به شامل آهي) جي تبديلي جي دعوائن سان شروع ٿي هئي، اها ٽرمپ جي نظر ۾ هر نئين ڏينهن ۾ هڪ صاف ۽ فيصلائتي فتح آهي! هن مطابق ايران کي جهڪايو ويو، ان جون صلاحيتون تباهه ٿي ويون، ۽ آمريڪا بلند مقام تي بيٺو رهيو؛ هاڻي بس فتح جو جلوس نڪرڻو آهي!

ٽرمپ جي رويي کي جيڪي ڳالهيون مزاحيه بڻائين ٿيون، اهي فقط سندس ئي لٻاڙون نه آهن، ڇو ته سڀ صدر ته هميشه فوجي نتيجن کي وڌائي پيش ڪندا رهيا آهن، توڙي جو حقيقت پيچيده ۽ غير واضح ڇو نه هجي. اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ جو انداز پڻ هڪ اهڙو سودو ڪندڙ ميزبان آهي، جيڪو جنگي ڳالهه ٻولهه کي ريئلٽي ٽِي وِي شو جي آخري قسط بڻائي ڇڏي ٿو، جنهن ۾ مقابلو ڪندڙ مخالف جيڪڏهن ٿورو به پوئتي هٽندو آهي ته ان مٿان وقت جي تنگي ۽ تباهيءَ جا خطرا (”سڄي تهذيب اڄ رات فنا ٿي ويندي“) مڙهي پوءِ اوچتو فتح جو اعلان ڪيو ويندو آهي. پر ايران جو ”حقيقي جواب“ جنهن ۾ هن دنيا جي سامهون پاڻ ۽ پنهنجي قوم کي محبِ وطن، نقصان جي پرواهه نه ڪندڙ، دشمن لاءِ سخت، پنهنجي مؤقف تي چٽو ۽ مضبوط بيهندڙ ۽ دشمن تي پنهنجي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي سان مسلسل حملا ڪندڙ جي حيثيت سان ظاهر ڪيو، سج وانگر شاهدي ڏئي رهيو آهي ته هُن شڪست نه کاڌي آهي، ٽرمپ جي بيانن ۽ زميني حقيقت جي وچ ۾ هڪ وڏو فرق آهي. اها ڳالهه آمريڪا جي صدر ٽرمپ کي کل جوڳو بڻائي رهي آهي.

اچو ته ٿورو پوئتي هلون. اسرائيل/آمريڪا‐ايران جنگ هنن وڏي مقصدن سان شروع ٿي: ايران جي ايٽمي طاقت بڻجڻ جي خواهش ۽ امڪان کي ختم ڪرڻ، ان جي ميزائل ۽ فضائي دفاعي نظام کي مڪمل تباهه ڪرڻ، ۽ حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ. هن ۾ شڪ نه آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائي حملن ايران جو وڏو نقصان ڪيو آهي ۽ انهن ۾ سندس ايٽمي مرڪزن، فوجي ڍانچن ۽ اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو ويو. اپريل جي منڍ ۾ ئي ٽرمپ جنگ جي پڄاڻي جو اشارو ڏئي رهيو هو. سندس چواڻي ته، ”جنگ ٻن کان ٽن هفتن ۾ ختم ٿيڻ واري“ آهي. پر جڏهن ايران هرمز جي سامونڊي لنگهه بند ڪرڻ ذريعي عالمي واپار کي متاثر ڪيو ته ٽرمپ ڌمڪين تي لهي آيو ته ”هرمز کي کوليو، نه ته تيل جي ڍانچن، پُلين ۽ بجلي گهرن تي حملا ڪيا ويندا ۽ اهي اڌ رات تائين تباهه ڪيا ويندا.“ بحري جهاز واقعي تباهه ٿيا پر ايراني ميزائيلن طرفان آمريڪا جا، ايستائين جو دنيا جو مضبوط ترين آمريڪي دفاعي ٻيڙو ”ابراهام لنڪن“ پڻ زخمي ٿي واپس ورڻ تي مجبور ٿي ويو!

پوءِ 7–8 اپريل تي پاڪستان جي ٽياڪڙي سان ٿيل جنگبندي (چين جي آخري لمحي جي مدد سان) لاڳو ٿي وئي. ايران ڏهن نڪتن تي ٻڌل مطالبا ڏنا. مذاڪراتي ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيون. ٽرمپ فوري طور تي انهن ڳالهين کي ايران جي شڪست طور پيش ڪيو ۽ اها دعويٰ ڪئي ته: ”سڀ آمريڪي مقصد حاصل ٿي ويا، هاڻي هرمز جو مسئلو ٻين ڌُرين حوالي ڪيو وڃي.“ هن وڌيڪ چيو: ”اسان دشمن کي شڪست ڏني آهي“.

پر هتي ئي کل جوڳو ”حقيقي موڙ“ اچي ٿو. ايران آمريڪا جي سامهون نه جهڪيو. حملن جي باوجود، تهران وٽ لڳ ڀڳ ائٽمي ڌماڪن ۽ ائٽمي هٿيارن جيترو يورينيم موجود رهيو، هن وٽ هزارين بيلسٽڪ ميزائل بچيل آهن جيڪي هو اسرائيل ۽ عرب ملڪن ۾ لڪل آمريڪي ٺڪاڻن تي داغيندو رهيو آهي، ۽ وٽس فضائي دفاع اڃان به ايترو هو ۽ آهي جو جنگ دوران ايرانين هڪ کان وڌيڪ آمريڪي جنگي جهازن کي ڪيرائي وڌو. ايران جي سرڪاري ميڊيا جنگبندي کي ”تاريخي موڙ“ قرار ڏنو، پر شڪست ڪڏهن به نه! عالمي توانائي جي نظام تي پنهنجو اثر برقرار رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ انهن جي پيش ڪيل مطالبن ۾ ايراني نقصان جو معاوضو، پابندين ۾ رعايت، علائقائي جنگبندي (لبنان سميت)، ۽ تيل جي جهازن کي ايراني پاليسيءَ ۽ ٽيڪس تحت هرمز ذريعي محفوظ گذر جو نظام شامل هئا.

مختصر ته، ايران آمريڪا جي متوقع صورتحال کي نه رڳو بدلائي ڇڏيو، پر الٽو ڪري ڇڏيو. جيڪا جنگ اسرائيل ۽ آمريڪا جي تيز ترين حملن سان شروع ٿي، اها آهستي آهستي هڪ اهڙي جنگ بڻجي وئي جنهن ۾ ايران ميزائلن، ڊرونن ۽ اقتصادي دٻاءُ ذريعي مقابلو ڪيو ۽ اسرائيل ۽ آمريڪي فوجين جو ناقابلِ يقين نقصان ڪيو. هي جنگبندي ايران جي ڪا شڪست نه، پر ڳالهين لاءِ وقفو آهي. حقيقت اها آهي ته فوجي ۽ مجموعي سطح تي توڙي جو آمريڪا ڪامياب رهيو، پر سپر پاور جي لٻاڙي دعوائن جي سطح تي هي جنگ آمريڪا لاءِ کل جوڳي بڻجي وئي: ايران جِو امڪاني طور تي ايٽمي طاقت بڻجڻ ۽ ان وٽ گهربل ايٽمي وسيلا موجود هجڻ جا گهرا سوال اڃا باقي آهن، ايران جو توانائي بحران تي اثر اڃان جاري آهي،  لبنان ۾ ويڙهه پڻ جاري آهي، ۽ وچ ايشيا جو سمورو علائقو اقتصادي ڌٻڻ ۾ اڃان ڦاٿل آهي. جيتوڻيڪ ايران مڪمل فتح حاصل نه ڪئي آهي، پر هن مڪمل شڪست به نه کاڌي آهي!

آمريڪا پاران ايران جي ”رجيم چينج“ جو اصطلاح پڻ کل جوڳو بڻجي چڪو آهي. سندس لٻاڙي ۽ غير سنجيده بيانن ۽ غير مؤثر حڪمتِ عملي آمريڪا کي سپر پاور جي درجي تان ڪيرائي چڪا آهن، ڇو ته ان جي ناقابلِ تسخير هجڻ جي دعويٰ ۽ سندس بالادستي جا ڍونگ دنيا آڏو وائکا ٿِي چڪا آهن. نتيجي ۾ ترڪي، اسپين ۽ نيٽو جي يورپي ملڪن سميت ڪيناڊا، وچ ايشيا جا عرب ملڪ سندس نام نهاد دفاعي حفاظت جِي محفوظ ڇٽِي ۽ ڏنُ کان ٻاهر نڪري چڪا آهن. ٽرمپ جي مخالفت جا پڙاڏا نه رڳو سوشل ميڊيا پر سندس ملڪي پارليامينٽ ۾ پڻ زور شور سان گونجي رهيا آهن. اهو وقت پري نه آهي جو ٽرمپ کي صدارتي ڪرسيءَ تان لاهي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ٻين لفظن ۾ سندس پاران ايران جي رجيم‐چينج الٽو پاڻ تي ئي لاڳو ٿيڻ واري آهي!

ٽرمپ جو رويو هن جنگ ۾ شروع کان وٺي هڪ ذميوار ۽ سنجيده سپر پاور ملڪ جي صدر بدران هلڪڙو محسوس ٿي رهيو آهي. اڄ جي دور ۾، جتي جنگيون سڌيون نه پر پيچيده هونديون آهن، اتي ٽرمپ سياست ۽ جنگ کي هڪ ڪاروباري وکر ۽ ڊيل بڻايو بيٺو آهي: ”توهان کي هي ڊيل پسند ايندي، هي وڏي هوندي.“ هڪ ڏينهن ايران ۽ سندن تهذيب جي مڪمل تباهي جون ڌمڪيون، ته ٻئي ڏينهن وري مڪمل فتح جو اعلان! هي ته اهو ساڳيو انداز آهي جيڪو ڪاروبار ۾ هو ۽ هلندڙ آهي، اهو هاڻي جنگ ۾ به نظر اچي ٿو. ڪجهه ماڻهو ان کي وهم سمجهن ٿا، ٻيا حوصلا افزائي. پر ڇا اهو هڪ ڊرامو آهي، ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. 2026ع جِي هي اسرائيل/آمريڪا‐ايران جنگ، آمريڪا جي ڪا صاف فتح نه آهي، پر اها هڪ سخت ۽ مهانگي ويڙهه آهي، جيڪا عارضي جنگبندي تي ختم ٿي آهي، جتي اڳتي ڳالهيون ٿيڻيون آهن. ايران جي مزاحمت ۽ حڪمت عملي سبب نتيجو ڳالهين ذريعي نڪرندو، نه ڪِي زور زبردستي سان. پر ٽرمپ وري به پنهنجي انداز ۾ فتح جو اعلان ڪيو آهي ۽ اڳتي به ضرور ڪندو! ڇو ته دنيا ۾ هر جنگ جو هڪ فاتح هوندو آهي، ۽ ٽرمپ جِي دنيا ۾ اهو فاتح هميشه هُو پاڻ هوندو آهي، سئو سيڪڙو بنا ڪنهن شڪ جي، دنيا ڀلي ڇا به چئي اُن جي هِن کي پرواهه نه آهي. باقي اسان ته رڳو ڏسندڙ آهيون، لٻاڙي بيانن ۽ حقيقتن جي وچ ۾ فرق جانچڻ وارا. اها ڳالهه طئي آهي ته ويجهي مستقبل جي تاريخ ئي صحيح فيصلو ڪندي ته ٽرمپ فاتح آهي يا هاريل جواري!