Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_gnuv61rtrp0538n1d3d1tor05p, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تاريخ ... ٺڪر قبيلو ... روشن داس - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تاريخ ... ٺڪر قبيلو ... روشن داس - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

تاريخ … ٺڪر قبيلو … روشن داس

ٺڪرُ ھڪ تمام پراڻو قبيلو آهي ، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب جيڪو اصل کان ٻيلن جو رهاڪو آهي پر هميشه اهڙي جاءِ تي ڳوٺ ٻڌندا آهن، جتي زمين سنئين سڌي هجي. اڪثر هو ٻين ذاتين کان الڳ ٿي رهندا آهن. هڪ تحقيق موجب ٺڪُر يا ٺاڪر راجپوتن جي نسل مان آهن يا انهن ۾ راجپوتن جو رت شامل آهي. هندوستان ۾ ناسڪ لڳ هڪ ماڳ ”اگت پوري“ مان لکيل ٽامي تختي تان ملي آهي، جنهن مطابق ٺڪر لفظ 650ع کان به اڳ استعمال ٿيل ٻڌايو ويو آهي. روايتن موجب ٺڪرن جي نسل ۾ راجپوتن جو رت محمود بيگڙي (1511-1459ع) جي دور ۾ داخل ٿيو، جيڪو گجرات جو حاڪم هو. هندستان ۾ رهندڙ ٺڪرن جي هڪ مشاهدي موجب شڪل شبيهه ڪجهه هيئن آهي. هندستاني ٺَڪر اڪثر بندري قد جا ٿيندا آهن، خاص ڪري سندن عورتون نڪتل پيٽ سان بي زيبيون ۽ بي ڊوليون ٿين. مرد چٽڪمرا ڪپڙا پهرين، ان جي مٿان واسڪوٽي، ڪلهي تي ڪپڙي جو ٽڪر ۽ مٿي تي پٽڪي ٻڌن، ٺونٺ کان مٿي پتل جا چوڙا پائين. واسڪوٽيءَ جي مٿان ڪلهي وٽ چمڙي جي ٿيلهي هڪ ڌاڳي سان لڙڪيل ٿئي، جنهن ۾ پان، سوپاري ۽ تماڪ رکن. چمڙي جي ٿيلهي کي ”توستان“ سڏين. انهن جي خانن کي سوتڪا عورتن جو لباس تنگ پولڪو ٿئي، ان جي مٿان واسڪوٽ، باقي ٽنگون گهڻي قدر اگهاڙيون رکن ۽ مٿو اگهاڙو هوندو اٿن. ڳري قسم جا زيور پهرين، جن ۾ رنگ برنگي ٻڙا ۽ مڻيا ڦاٿل ٿين.
ٺڪر، ميداني ٻولي ڳالهائين، هي قبيلو مکيه ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪا-ٺڪر ـ ڪا اصل ۾ ڪولهين جو مخفف آهي، يعني ڪولهي ٺڪر ۽ ٻيا ما-ٺڪر، جيڪي ميراٺي ٺڪر آهن، پر ٽيون قبيلو به آهي، جنهن کي ورالي ٺڪر چون ٿا. ما-ٺڪر پاڻ کي سج جو اولاد سڏائين ۽ ڪا-ٺڪر، ٻين کان پاڻ کي اتم سمجهن. ڪا- ٺڪر ۽ ما-ٺڪر نه هڪ ٻئي سان کائين، نه لهه وچڙ ڪن. ٺڪرن جا ٽي ڪل نام آهن. (1) جادو (سون)، (2) نارگود ـ (3) پوار ( تلوار). هاڻي هن ۾ ڪل نامن رکڻ جو رواج وڌيو آهي. هنن ۾ شاديءَ جا مقرر قاعدا آهن. انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر سوڀارا چنا ، ’انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس‘ ۾ لکيو آهي ته: هنن ۾ ماسات سان شادي عيب ڪونهي، مڙس جو ڀاءُ به ڀاڄائي جي ڀيڻ سان شادي ڪري سگهي ٿو. شاديون اڪثر بالغ ٿيڻ کان پوءِ ڪن.جيڪڏهن ڇوڪري پنهنجي قبيلي جي ڪنهن مرد سان ناروا سلوڪ ڪري ته قبيلي جي رواج موجب سندس شادي ان شخص جي بجاءِ ڪنهن ٻئي قبيلي جي مرد سان سزا طور ڪرائي ويندي آهي پر جي ان عورت، ان ٻئي قبيلي جي مرد کي قبول نه ڪيو ته پوءِ ٺڪر کيس ڀت ٻاٽ مان مورڳو ڪــڍي ڇــڏينــدا آهـــن. مـــردن ۾ گـــهڻــين شــاديــن جــو رواج آهــــي. (ڏسو: انسائيڪلو پيڊيا آف ٽرائيبس ۽ ڪاسٽس آف انڊيا، صفحو 6356، ليکڪا: ڊاڪٽر سوڀارا چنه)
ٺڪرن ۾ ٻار ڄمڻ کان پوءِ دائي جيڪا سندن قبيلي جي هوندي آهي، پنجن ڏينهن تائين ويامجندڙ عورت جي گهر رهندي آهي. پنجين ڏينهن دائي خوشبو ۾ ٻڏل سندور (ڳاڙهو پائوڊر) وياميل عورت جي هٿن کي لائيندي آهي، وياميل عورت اهي هٿ آڱرين سميت ڀت تي هڻي پنهنجي هٿن جا نقش چٽيندي ۽ پوءِ ٻار جي ڪلهي جي چوڌاري بنفشي جا گل ٻڌندا آهن ۽ اھا عورت جي سوانجڙي جو وقت ختم ٿي ويندو آهي. مناسب ڏينهن تي برهمڻ کان ٽپڻو کولائي ٻار جو نالو پڇي رکبو آهي، برهمڻ کي ٻار ڄمڻ جو ڏينهن ۽ وقت ٻڌائبو آهي. شاديءَ جون ٻيون رسمون به ٿين، گهوٽيتن کي ڏيب ۾ خاص رقم جا چانور، ڪنوار جي پيءُ کي ڏيڻا پوندا آهن. ٽپڻي تي برهمڻ شاديءَ جو ڏڻ مقرر ڪندو آهي. مڱڻي کان پوءِ سوپاري ڀڃڻ جي رسم، جنهن کي ”سوپاري ڦانوڻي“ چون، ٿيندي آهي. هنن وٽ طلاق ڪا نه ٿئي. شاديءَ کان ٽي ڏينهن اڳ شادي جو ڇنو ٺاهيندا آهن، ان ڇني جي پويان عنبر جي وڻ جو هجڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. ان وڻ ۾ ناريل جا کوپا ٻڌندا آهن ۽ چانور ڇٽيندا آهن. هيڊ ملڻ جي رسم ٻين وانگر هنن وٽ به ٿئي. گهوٽ کي اڇا لٽا پهرائي کيسي ۾ چاقو يا پاسي ۾ ترار ڏيندا آهن، جيڪا شادي ختم ٿيڻ تائين ساڻس گڏ رهندي آهي. گهوٽ جي ٻانهوٽن تي گلن جي ڪنڊل ٻڌل رهندي آهي، هن سرگس کي ڪنواريتن ڏي وٺي وڃن شاديءَ جي ڇني ۾ سڀ کان اول گهوٽ جو پيءُ گهڙندو آهي ۽ ڪنواريتا سڀني جو آڌرڀاءُ ڪندا آهن. شادي واري ڪمري جي دروازي تي ٻه عورتون خالي گهڙين سان بيٺل هونديون آهن، انهن کي دوديز چون. گهوٽ انهن ۾ سڪا وغيره وجهندو آهي، ڪنوار جي ماءُ گهوٽ جي منهن تي هلڪي روشني وجهندي آهي ۽ هيڊ جو تلڪ سندس نرڙ تي هڻندي آهي. ان کان پوءِ هو اندر گهڙندو آهي ۽ پٿرائين سر يا پاتا تي اچي ويهندو آهي. ڪنوار هڪ سنهي پردي جي پويان گهوٽ جي سامهون اچي بيهندي آهي. شاديءَ جا شبد ( لفظ )برهمڻ طرفان پڙهيا ويندا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار جي مٿان چانور اڇلايا ويندا آهن. اهڙي قسم جون ٻيون رسمون سرانجام ڏنيون وينديون آهن. جن ۾ ڦيرا به شامل هوندا آهن.رنڙ عورت کي شاديءَ جي اجازت هوندي آهي. رنڙ کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي مٽن مان ڪنهن سان به شادي جي اجازت نه هوندي آهي، سواءِ ماروٽ جي. رنڙ جي شادي ۾ به سڀ رسمون ادا ڪيون وينديون آهن.
ٺڪر، هندن جي سڀني ديوين ۽ ديوتائن ۾ اعتقاد رکن ٿا پر سندن خاص ديوتا چيدا ڱ، واگها، بهيري، ڀواني، سپلي، کندوبا، کڻوبا، وتيل ۽ ٻيا ديوتا ۽ ديويون هجن ٿيون، جيڪي مگوا ۽ ناسڪ (ڀارت) ۾ آهن. سندن خاص ڏڻ اڪشتر بتيا، دسهڙو، ڏياري ۽ شگما آهن. هي جنن پرين ۾ وڏو اعتقاد رکن. سندن مذهبي اڳواڻ پنهنجي ئي قبيلي جا ماڻهو هوندا آهن. سندن خيال آهي ته واگها ديوتا انهن بتن تي تصرف رکي ٿو. ڪن صورتن ۾ هو جنن ڀوتن کان جند ڇڏائڻ لاءِ ٻاهرين برهمڻن کان به مدد وٺندا آهن. ٺڪر مري ويلن کي ساڙڻ بجاءِ پوريندا آهن. لاش کي وهنجاري ڌوئي پوءِ هيڊ مکي ڪفن ڏيندا اٿس. ارٿي کڻڻ کان بعد رستي تي ڪن جاين تي لاش کي روڪي ڪجهه سڪا پٿرن جي هيٺيان رکيا ويندا آهن، ڪجهه سڪا سندس وات ۾ وجهي لاش کي قبر ۾ لاهيندا آهن. مٽي ورائڻ کان پوءِ سوڳوار قبر جي مٿان مٽ ڀڃندو آهي، ٻئي ڏينهن ڪو به مائٽ ٺاڪر پٿر جي هيٺان رکيل ڪڍي ٻئي پٿر جي هيٺان رکي اتي کير ۽ ماني وغيره پوريندو آهي. کير ۽ ماني مردي جي هٿن ۽ پيرن کان به قبر ۾ رکندا آهن. ٻارنهن ڏينهن کان پوءِ هوم جي رسم ادا ڪندا آهن. سوڳوار مانيءَ جا 9 ٿها پچرائي رکندو آهي. 5ٻار روزو رکندا آهن. ماني کي درياهه ۾ اڇلائيندا آهن. اشوِن جي رسم ۾ ڪجهه ماني ڪوٺي تي رکندا آهن ته جيئن مڙدي جو روح اچي ته ماني کائي ان کان پوءِ اها ماني ڪانون کي کارائي ويندي آهي.ٺڪر گهڻو ڪري هنن ۽ گهوڙن جي ساز و سامان ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. گرمين جي ڏينهن ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندا آهن، سياري ۾ ڪاٺيون ميڙي کپائيندا آهن. هي مستقل طور هارپو ڪو نه ڪن، نه وري زمين جي کڻت ڪري زمينداري ڪن. هي ماهه ۾ مڇي ۽ ننڍو گوشت واپرائين.
1991ع جي آدمشماري موجب هندستان ۾ سندن آدمشماري 122،019 هئي، جن ۾ 63،347 مرد ۽ 58672 عورتون هيون. هي ٿانا، ڪولاب، ناسڪ کانسواءِ سنڌ جي پارڪر واري علائقي جا رهاڪو آهن. هن وقت سندن آباديءَ ۾ گهڻو اضافو آيو آهي.سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ اهي ٺڪر گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. انهن مان راڻا چندرسنگهه مشهور پارلياماني سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن آگسٽ 2009ع ۾ وفات ڪئي. راڻا چندرسنگهه ٿر ۾ رهندڙ ٺڪرن (سوڍن) جو 25هون راڻو بڻيل هو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ هميرسنگهه 26 هون راڻو بڻيو آهي، جيڪو صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ۽ ضلعي عمرڪوٽ جو نائب ناظم به رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ ٿر جي ٺڪرن ۾ رامسنگهه سوڍو به مشهور شخصيت آهي ـ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *