تانيه خاصخيلي ڪيس جي مک جوابدار کي جنم ٽيپ جي سزا
نومبر 20, 2023
سيوھڻ: 6 سال اڳ جهانگارا ۾ شادي کان انڪار تي گوليون هڻي قتل ڪيل ناري تانيا خاصخيلي جي ڪيس جو فيصلو اچي ويو آهي
ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ اورنگزيب عالمگير تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو
عدالت مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
عدالت ھٿيار ۽ پوليس سان مقابلي جي ٻئي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار خانو نوحاڻي کي 10 سال قيد ۽ 50 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي
عدالت قتل ڪيس جي ھڪ ٻئي جوابدار عالي نوحاڻي کي بيڏوھي ثابت ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ مٿس 50 ھزار ڏنڊ وڌو ويو، جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو
عدالت ڪيس جي ٽئين جوابدار مولا بخش نوحاڻي کي روپوش ھجڻ جي ڪري اشتھاري قرار ڏنو
مک جوابدار خانو نوحاڻي عمر قيد جي سزا اچڻ جو فيصلو ٻڌي مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي لڙڪ لاڙي ويٺي
ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪيس جي فيصلي ۾ پورو انصاف نه مليو آهي، فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنديس
جوابدار کي ڦاهي جي سزا اچڻ گھرجي ھا ته جيئن ٻين نياڻين لاءِ مثال ثابت ٿئي ھا ۽ ٻيھر اھڙا ڏوھ رڪجي سگهن ۽ خانو نوحاڻي جھڙا ڏوھاري پيدا ٿي نه سگهن
سيوهڻ لڳ جهانگارا ۾ تانيا خاصخيلي کي 6 سال اڳ سيپٽمبر 2017 ۾ سندس امڙ، ڀيڻن ۽ ڀائرن سامهون جوابدارا خانو نوحاڻي ٽن ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو هو
تانيا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سندس امڙ خورشيد پنجن سالن تائين ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي رهي ۽ زندگي جي جنگ هارائي وئي
جڏهن ته تانيه خاصيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي فيصلو اچڻ بعد عدالت ۾ روئي ڏنو، هن چيو ته پورو انصاف ناهي ملي سگهيو، جوابدار کي ڦاهي جي سزا ملڻ گهرجي