| تباهه ٿيل تيجس جهاز تمام هيٺ اڏامي رهيو هو: اکين ڏٺا شاهد |
دبئي (م ڊ) دبئي ۾ جاري ايئر شو جي دوران ڀارتي جو جنگي جهاز تيجس ڪرڻ بابت اکين ڏٺي شاهد ميجر منوج ڪمار بي بي سي کي ٻڌايو ته اهو جهاز نيگيٽو جا ڪرتب ڏيکاري رهيو هو. پائليٽ پهريان تمام گهڻو هيٺ اڏام ڪري رهيو هو پوءِ هن جهاز کي سنڀاليو پر انهي دوران جهاز سڌو زمين سان وڃي ٽڪرايو. انڊين فوج سان جڙيل ميجر منوج ڪمار چيو ته واقعي کان پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي منهنجو خيال آهي ته ماڻهن کي محسوس ٿي ويو هو ته ڇا ٿيو آهي، باهه جا وڏا گولا هئا اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي مون زندگي ۾ اهڙا جذبات ڪڏهن به محسوس نه ڪيا. دبئي ايئر شو 2025 جي ويب سائيٽ موجب انهي شو ۾ تقريبن ڏيڍ لک ماڻهن ۽ 1500 ڪمپنين شرڪت ڪئي. جگديش وريا موجب جهاز 8 کان 9 منٽن کان وڌيڪ اڏام نه ڪئي صرف 2 کان 3 چڪر لڳايا پوءِ سڌو زمين تي وڃي ڪريو.