تباهه ٿيل خوبصورت جهاز ٽائيٽينڪ جي لائف جيڪٽ نيلام

تباهه ٿيل خوبصورت جهاز ٽائيٽينڪ جي لائف جيڪٽ نيلام

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) 1912ع ۾ ٻڏل ٽائيٽينڪ جهاز ۾ هڪ مسافر کي پاتل لائف جيڪٽ کي رڪارڊ قيمت ۾ نيلام ڪيو ويو. ٽائيٽينڪ جهاز جي ٻڏڻ کان بچي ويل مسافر جي لائف جيڪٽ کي برطانيه جي هڪ نيلام گهر هينري ايلڊريج اينڊ سنز پاران 94,500 ڊالر (250 ملين پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ نيلام ڪيو ويو. نيلام کان اڳ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته هي لائف جيڪٽ 339,000 ڊالر کان 474,000 ڊالرن ۾ نيلام ڪئي ويندي. هي لائف جيڪٽ لارا ميبل ٽائيٽينڪ جهاز جي ٻڏڻ دوران پائي هئي، جيڪا جهاز جي فرسٽ ڪلاس ڪيبن ۾ رهندڙ هئي. هي جهاز اپريل 1912ع ۾ برطانيه کان آمريڪا جي پنهنجي پهرين سفر دوران هڪ برفاني ٽڪري سان ٽڪرائجي ويو ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 1,500 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا. ان ۾ سوار 700 ماڻهن کي بچايو ويو، پر حيرت انگيز طور تي، حادثي جي جڳهه جو تعين ٿيڻ جي باوجود، ان جو ملبو 7 ڏهاڪن تائين نه ملي سگهيو.