| تحريڪ التوا کي عام قرارداد تي فوقيت آهي: مراد شاهه |
ڪراچي: نثار کهڙو جي رٿ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران ايوان ۾ خطاب دوران وضاحت ڏني وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سندس حڪومت نون صوبن واري مسئلي تي وڌيڪ جامع بحث جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنهنڪري بحث کي آسان بڻائڻ لاءِ تحريڪ التوا آندي هئي. هن وضاحت ڪئي ته پارلياماني قاعدن تحت تحريڪ التوا کي عام قرارداد تي فوقيت حاصل هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اها عوامي اهميت واري مسئلي تي بحث لاءِ معمول جي سموري ڪارروائي کي معطل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي. هن چيو ته ان بحث جو نتيجو پهرين ئي واضح آهي ته سنڌ ڪڏهن به تقسيم نه ٿيندي. وڏي وزير ٻڌايو ته تحريڪ التوا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 34 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جيڪڏهن چاهي ته اهڙي تحريڪ آڻڻ لاءِ آزاد آهي.