تحريڪ انصاف جو گلگت بلتستان ۾ به اقتدار ختم: مزاحمت جو اعلان

جُولاءِ 5, 2023

گلگت (م ڊ) پ پ اڳواڻ جي درخواست تي گلگت جي عدالت گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن بعد تحريڪ تحريڪ انصاف  جو گلگت بلتستان ۾ به اقتدار ختم ٿي ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران وڏي وزير جي نااهلي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو آهي

وڏي وزير خالد خورشيد جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهندڙ پ پ جي عبدالمجيد ۽ ن ليگ جي راڻا فرمان علي ڊگري کي اليڪشن ڪميشن کي چئلينج ڪيو هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪيو هو

گلگت بلتستان جي وڏي وزير اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي چيف ڪورٽ جي چيف جسٽس 3 ججن تي ٻڌل لارجر بئنچ جوڙي هئي، جنهن ڪيس جي روز جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي

گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ڊگري لنڊن جي هئي ۽ کيس گلگت بلتستان بار ڪائونسل وڪالت جو لائسنس جاري ڪيو هو پر لنڊن جي يونيورسٽي طرفان ڊگري جي تصديق نه ڪئي وئي هئي، جسٽس عنايت، جسٽس جوهر ۽ جسٽس مشتاق تي ٻڌل 3 رڪني لارجر بنچ روز جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي

ڪيس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، جي بي بار ڪائونسل ۽ جي بي حڪومت سميت 6 ڌريون شامل هيون، جڏهن ته سينيئر وڪيلن عدالت جي مدد ڪئي، عدالت ڪالهه ٻڌڻي مڪمل ڪري ڪجهه دير جو وقفو ورتو. پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي خالد خورشيد کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ نااهلي جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

 ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل موجب پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اهم ترين اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، پارٽي ترجمان ٻڌايو ته اسان کي گلگت بلتستان ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي، عوام جي مينڊيٽ جي توهين جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، پاڪستان ۾ آئين ۽ جمهوريت جو قتل عام جاري آهي

Leave A Comment