اورڪزئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي خيبر پختونخوا جي ضلعي اورڪزئي مان 2018ع ۾ چونڊيل ايم اين اي جاويد حسين پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي
ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد حسين چيو ته 9 مئي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو هي پاڪستان اسان جو آهي ۽ هي ادارا به اسان جا آهن پاڪستان ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن هي ادارا مضبوط ٿيندا
جاويد حسين چيو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي فيصلو ناهي ڪيو آئون پي ٽي آءِ کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان