تحريڪ انصاف جي هڪ وڌيڪ وڪيٽ ڪري پئي: بلين ٽرين سونامي رٿا جو سربراهه ملڪ امين به پي ٽي آءِ کان ڌار

مَي 18, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، عمران خان جي بلين ٽري سونامي منصوبي جي سربراهه ملڪ امين اسلم به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ امين اسلم چيو ته هن وقت هڪ ايجنڊا پارٽيءَ کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو آهي، اهڙي ايجنڊا سان هاڻي وڌيڪ گڏ هلي نه ٿو سگهان، جتي جتي به جلوس ڪڍيا ويا انهن جو هدف فوجي ٺڪاڻا هئا

ٻئي طرف ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي به 8 اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم پي اي محمد اشرف خان رند چيو ته سڀ کان پهرين رياست ۽ پوءِ سياست آهي، 9 مئي تي جيڪي ڪجهه ڪيو ويو اهو سياست نه پر انتشار هو

Leave A Comment