| تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪوبه رابطو ناهي ٿيو: طارق فضل |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين بابت هن وقت تائين ڪو به رابطو نه ٿي سگهيو آهي، حڪومت جا اتحادي واضع طور ڳالهين جي حق ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ ڳالهين جو عمل ضروري آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف اسپيڪر جي چيمبر ۾ اچي ته ڳالهين جو عمل شروع ٿي سگهي ٿو. پهريان ٽورنامنٽ جو اعلان ٿيندو آهي، پوءِ ٽيمون ٺهنديون آهن. جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست اسپيڪر آڏو پيش ڪري ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، ڳالهين لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سنجيدگي ڏيکارڻ ضروري آهي. هن الزام لڳايو ته تحريڪ انصاف پاڻ مونجهاري جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ جا ٻه ڌڙا الڳ الڳ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي باني جي آشيرواد سان ئي ڳالهين جي ميز تي ايندي.