تحريڪ انصاف علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو

فيبروري 13, 2024

تحريڪ انصاف علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، بئرسٽر گوهر سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ جي باني خيبر پختونخواهه لاءِ علي امين گنڊاپور کي نامزد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، پي ٽي آءِ باني چيو ته مسلم ليگ نواز، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پي ٽي آءِ باني چيو ته جن کي آندو ويو اهي سڀ وڏا مني لانڊرز آهن، مون کي بني گالا منتقل نه پيو ڪيو وڃي، بشريٰ بي بي کي به اڊيالا جيل آندو پيو وڃي

Leave A Comment