پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اپوزيشن الائنس ۾ واڌ جو فيصلو: اسد قيصر جو جي ڊي اي سان رابطو

اپريل 16, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پاڪستان تحريڪ انصاف مخالف ڌر جي گرانڊ الائنس ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي جي ڊي اي قيادت سان رابطو ڪري ورتو آهي

 ان ڏس ۾  قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر  جي ڊي اي قيادت سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري  جلد مرڪزي قيادت جي ڪراچي پهچي گڏيل سياسي جدوجھد تي ڳالهه  ٻولهه ڪرڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو

 ٻئي طرف ڪالهه تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ جي سربراهي ۾ وفد ڪالهه فنڪشنل ليگ ھائوس پهچي جي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا ۽ عبدالڪريم شيخ سان ملاقات ڪئي

پي ٽي آءِ وفد جي ڊي اي کي ڪراچي ۾ 28 اپريل تي اعلانيل جلسي م شرڪت جي دعوت ڏني، جي ڊي اي اڳواڻن پي ٽي آءِ جو دعوٽ ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي کين يقين ڏياريو ته جلسي م شرڪت جي حوالي سان جي ڊي اي پنھنجي قيادت سان مشورو ڪري کين جواب ڏيندي

 ملاقات ۾اڳواڻن مھانگائي، لاقانونيت ،ڀنگ لاءِ اغوا وارداتن، گيس ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ اضافي، سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ، ڪڻڪ جا خريداري مرڪز نه کلڻ ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگھه نه ملڻ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو

Leave A Comment