تحريڪ انصاف پاران شڪارپور جي ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان

تحريڪ انصاف پاران شڪارپور جي ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف شڪارپور جي پي ايس 09 تي رٿيل ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، آغا ارسلان  ۽ پي ايس 09 تي اميدوار آغا امتياز چيو ته شڪارپور ۾ 14 ڊسمبر تي صوبائي تڪ پي ايس 09 تي ننڍي چونڊ ڊرامو بڻجي چڪي آهي، ڌانڌلي اڳواٽ طئي ٿي چڪي آهي.اليڪشن ڪميشن چونڊ کان اڳ فارم 47 تيار ڪري ڇڏيو آهي. اسان بائڪاٽ ڪريون ٿا