تحريڪ انصاف کان بيٽ نشان وري کسجي ويو، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال، چيلنج ڪرڻ جو اعلان

جنوري 4, 2024

پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ٻيهر کسجي ويو، پشاور هائيڪورٽ اسٽي آرڊر ختم ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ انٽرم رليف ڏنو ويو، رليف ڏيڻ وقت عدالت جي اختيار واري دائري کي نظر ۾ نه رکيو ويو، انٽرم رليف چونڊ عمل ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو هو، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب عام چونڊون ڪرائي. پشاور هائيڪورٽ جي جسٽس اعجاز خان عدالتي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ پي ٽي آءِ جو  سينيئر وڪيل قاضي انور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف عدالت اچي سگهي ٿي؟ 26 ڊسمبر تي فيصلو آيو، ان تي اڃا تائين عمل به ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين ويب سائٽ تي انٽراپارٽي اليڪشن سرٽيفڪيٽ به جاري ناهي ڪيو. جسٽس اعجاز خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان طرفان ڪو توهين عدالت جو ڪيس آيو؟ ان تي قاضِي انور چيو ته سندن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا، اليڪشن ڪميشن ڇا ڪيو؟ جسٽس اعجاز خان چيو ته ان جو مطلب آهي ته اسٽي آرڊر مان ڪا به ڏکيائي نه ٿي، اوهان جا ٻه نقطا آهن ته اليڪشن ڪميشن  اسٽي آرڊر واپس وٺڻ لاءِ هت نه ٿي اچي سگهي ۽ ٻيو اِن آرڊر سان اليڪشن  ڪرائڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ٻڌڻ کانسواءِ 26 ڊسمبر تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ تي اعتراض اٿاريا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن اسان جي آرڊر تي  اسٽي آرڊر ورتو آهي، کين ان خلاف رٽ داخل ڪرائڻ جو حق آهي، هنن جو ڪيس هت ٻڌڻي جوڳو ناهي، کين سپريم ڪورٽ وڃڻ گهرجي. وڪيل قاضي انور چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي، پي ٽي آءِ 2013ع ۽ 2018ع ۾ عام چونڊون بيٽ جي نشان تي وڙهيون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن بعد ٻڌايو ويو.پشاور هائيڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل منظور ڪندي 22 ڊسمبر وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪيو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف پشاور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ بيئرسٽر گوهر خان اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خبر آئي آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ بيٽ واري نشان بابت فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ کان بيٽ واپس وٺڻ غيرقانوني آهي، اهڙين چونڊن کي دنيا قبول نه ڪندي، 859 سيٽن تي ٿيندڙ عام چونڊ تڪراري رهندي، اِهو فيصلو جلدبازي ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين، اسان کي بيٽ جو نشان نه ڏنو ويو ته اِها جهموريت جي هار آهي ۽ عوام قبول نه ڪندو.

Leave A Comment