تحريڪ تحفظ آئين پاران سنڌ ۾ آگاهي مهم هلائڻ جو اعلان

  تحريڪ تحفظ آئين پاران سنڌ ۾ آگاهي مهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سنڌ جي اڳواڻن سيد زين شاهه، محمد زبير، حليم عادل شيخ ۽ علامه صادق جعفري چيو آهي ته  وفاق پاران سنڌ سان هميشه ناانصافي ڪئي وئي آهي،  اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي لاءِ قانونسازي ضروري هوندي آهي پر مرڪز زبردستي صوبن جا وسيلا گهٽائي رهيو آهي. اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته صحت، صاف پاڻي ۽ روڊن جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا ناهن ڪيون ويون، 75 سيڪڙو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي، تعليم ڪيترن ئي ملڪن کان پوئتي رهجي وئي آهي، هن چيو ته  ٽن سالن تائين وفاق صوبن کان پيسا وٺندو رهندو، مٿان وري  عوام کان پيٽروليم ليوي جي نالي تي 120 رپيا ورتا پيا وڃن. سيد زين شاه چيو ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو 57 مان گهٽجي 35 سيڪڙو تي پهچي چڪو آهي، ادارن کي ناڪام بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ون يونٽ جهڙيون ڪوششون نظر اچي رهيون آهن. هن الزام هنيو ته سنڌ جي پيسن مان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، حليم عادل شيخ چيو ته آئين بچائڻو آهي ته ملڪ بچائڻو پوندو اڳواڻن اعلان ڪيو ته سنڌ جي وستي واهڻ، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي عوام کي ڪينالن، ڊيمن ۽ سنڌ خلاف مبينا سازشن بابت آگاهي مهم هلائي ويندي،