| تحريڪ تحفظ پاران اڳواڻن جو کاڌو روڪڻ انسانيت خلاف قرار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد انتظاميا هن وقت جيڪو طرزِ عمل اختيار ڪيو آهي، اهو ڪنهن جمهوري گاديءَ جي شايان شان وٽان ناهي، ٽئين ڏينهن به پارليامينٽ هائوس اندر ڌرڻي ۾ ويٺل مظاهرين تائين کاڌو، پاڻي ۽ دوائن جي رسائي رڪيل آهي. اهو قدم نه رڳو غيرانساني آهي، پر بنيادي جمهوري ۽ آئيني قدرن جي به کليل خلاف ورزي آهي. اهڙا طريقا رڳو ظلم جي فهرست ۾ اضافو ڪن ٿا، حق جي آواز کي خاموش نٿا ڪري سگهن. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس تائين دوائن جي رسائي روڪڻ سنجيده ۽ قابل مذمت عمل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به سياسي اختلاف کي انساني همدردي ۽ طبي ضرورتن تي ترجيح ڏيڻ ظلم جي بدترين شڪل آهي.