تحريڪ تحفظ ڳالهين لاءِ تيار: پي ٽي آءِ  انڪار ڪري ڇڏيو: مينڊيٽ چور حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون: تحريڪ انصاف

تحريڪ تحفظ ڳالهين لاءِ تيار: پي ٽي آءِ  انڪار ڪري ڇڏيو: مينڊيٽ چور حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي وئي، پي ٽي آءِ انڪار ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته مينڊيٽ چور حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي مخالف ڌر کي ڳالهين واري آڇ بعد محمود اچڪزئي جي صدارت هيٺ اپوزيشن اتحاد جو  اجلاس ٿيو جنهن ۾ علامه ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر شرڪت ڪئي.، اجلاس ۾ 5 ڪلاڪ ڊگهي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن مطابق پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيندڙ مشاورتي گڏجاڻيءَ ۾ وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ تي بحث ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي پنهنجي راءِ سان آگاهه ڪيو، مشاورتي گڏجاڻيءَ کان پوءِ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس وزيراعظم کي ڳالهين جي معاملي تي جواب ڏيندا. ذريعن موجب اپوزيشن قيادت ڳالهين واري عمل متعلق حڪمت عملي ۽ فيصلن تي حتمي مشاورت ڪئي، سلمان اڪرم راجا اڊيالا جيل ۾ ڌرڻي جي موجودگي سبب آڊيو لنڪ ذريعي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ترجمان شيخ وقاص مطابق پي ٽي آءِ حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندي. وزيراعظم طرفان ڳالهين جي آڇ سندس ٻه چاپڙائي آهي. هن چيو ته غير قانوني طور قيد باني چيئرمين ڪنهن به ڳالهين جي اجازت ناهي ڏني. معافي جو مطالبو حڪومتي وائڙائپ جي نشاني آهي. شرطـن سان ڳالهين جو نالو جمهوريت نه پر آمريت آهي. مينڊيٽ چورائيندڙ حڪومت سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ٿينديون. شيخ وقاص چيو ته عدالتي حڪمن جي باوجود عمران خان سان ملاقاتون نه ڪرائڻ توهين عدالت آهي. پي ٽي آءِ پنهنجو چوري ٿيل مينڊيٽ واپس وٺي رهندي، عمران خان ضمير جو قيدي آهي، جبر ذريعي عوامي حمايت ختم نٿي ڪري سگهجي. هوڏانهن تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جن شرطن تي ڳالهيون ٿينديون انهن تي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل جماعتن سان مشاورت ڪئي ويندي پوءِ اڳتي وڌنداسين. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته باني پي ٽي آءِ محمود اچڪزئي ۽ علامه  ناصر عباس کي ڳالهيون ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي، اسان جو  موقف آهي ڳالهين جا در بند نه ٿيڻ گهرجن