“تحفظِ سنڌ” جلسي لاءِ جاڳرتا مهم، سنڌو تي قبضو ناانصافي آهي: رياض چانڊيو

“تحفظِ سنڌ” جلسي لاءِ جاڳرتا مهم، سنڌو تي قبضو ناانصافي آهي: رياض چانڊيو

بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ پاران 22 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ “تحفظِ سنڌ” جلسي لاءِ جاڳرتا مهم جاري رهي، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت شديد معاشي بحران، غربت ۽ بدحالي جو شڪار آهي، سنڌو درياهه تي پنجاب جو غيرقانوني قبضو سنڌ سان کليل ناانصافي آهي، هن حڪمرانن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ جا وسيلا پنجاب ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته اربين روپين جي ڪڻڪ سنڌ جي گدامن ۾ خراب ٿي رهي آهي، جڏهن ته عوام اٽي لاءِ پريشان آهي، جيڪا حڪمرانن جي نااهلي جو کليل ثبوت آهي، آبادگار ۽ هاريءَ کان فصل خريد ڪريو ته خوشحالي اچي، زميندارن، هارين ۽ عورتن کي پنايو پيا، آخر ۾ هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ 22 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ “تحفظِ سنڌ” جلسو ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ جاڳرتا مهم جاري آهي.